Saturday , April 20 2024

نوري آباد وٽ لونءَ ڪانڊاريندڙ حادثو، ويگن کي باهه لڳڻ سبب 13 مسافر سڙي فوت

حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر وين ٽائر راڊ ٽُٽُڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن بعد ويگن کي باهه وڪوڙي وئي: موٽروي پوليس

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سپر هاءِ وي تي نوري آباد ڀرسان مسافر ويگن کي باهه لڳڻ سبب 13 مسافر سڙي فوت ٿي ويا، 3 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ بچايو ويو، موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته وين ۾ 18 مسافر سوار هئا، ٽائرراڊ ٽُٽُڻ سبب ويگن ڪلٽي ٿي آئل ٽئنڪر سان ٽڪرائجڻ بعد وين کي باهه وڪوڙي وئي. موٽروي وي پوليس موجب موٽروي/سپرهاءِ وي تي نوري آباد ڀرسان لڪي سيمينٽ فئڪٽري وٽ تيز رفتار مسافر ويگن ڪلٽي ٿي آئل ٽئنڪر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن کانپوءِ وين کي باهه وڪوڙي وئي، موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته ، ڊپٽي ڪمشسنر ڄامشورو تصديق ڪندي چيو آهي ته حادثي ۾ 13 مسافر سڙي فوت ٿي ويا آهن. امدادي ڪاررواين دوران 3 مسافرن کي سخت زخمي حالت ۾ بچائي نوري آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،  موٽروي پوليس جي ترجمان چيو آهي ته واقعو 8 لڳي 10 منٽن کان 8 لڳي 20 منٽن جي دوران پيش آيو. با ترجمان موٽر وَي موجب لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي ۾ هن وقت تائين13ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ٻئي پاسي نوري آباد اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتال آندل پنج زخمين جي حالت به ڳڻتي جوڳي آهي، امڪان آهي ته سمورن زخمين کي ابتدائي طبي ماداد ڏيڻ کانپوءِ سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويندو.

بحريا ٽائون جو سنڌ حڪومت جي مدد سان قديمي ڏيپار گوندر ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ ٽن ڏينهن کان گهيرو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *