Saturday , April 20 2024

نورين لغاري واقعو: سنڌ کي ڇا ڪرڻ گهرجي ؟ _ سهيل ميمڻ

سهيل ميمڻsuhail

هاڻي ان خوشفهميءَ مان ٻاهر اچڻ گهرجي ته سنڌ جي ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي، ان ڪري سنڌ مان مذهبي بنيادن تي خودڪش ۽ انهن جا سهولتڪار ڳولهڻ  ممڪن ناهي. نورين لغاري واري واقعي سان اهو معاملو به صاف ٿي سامهون آيو آهي، ان واقعي اسان کي پاڻ پڏائڻ واري لئي مان ٻاهر نڪري حقيقي طور سوچڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. دنيا تبديل ٿي چڪي آهي، تبديلي ايتري تيزيءَ سان دنيا ۾ آئي آهي ۽ اچي رهي آهي، جو ماڻهو اڃان هڪ واقعي يا ايجاد تي اچرج مان نڪري ئي نٿو ته ٻي حيران ڪندڙ شئي مٿان اچيو وڃي. اردن، شام، لبيا، يمن، عراق ۽ افغانستان جهڙا ملڪ ڪجهه سال اڳ دنيا جا خوبصورت ۽ امير ملڪ هئا. هن وقت کنڊر بڻجي پنهنجو وجود بچائڻ ۾ پورا آهن. سندن آباديون تباهه ٿي ويون آهن ۽ لکين ماڻهو پناهگير ٿي ٻين ملڪن ڏانهن هجرت ڪري پاڻ بچائڻ ۾ پورا آهن. پاڪستان جا سوات جهڙا خوبصورت ترين علائقا جتي انگريز سياح عورتون ڪجهه سال اڳ آزاديءَ سان ٻاهر گهمنديون هيون ۽ ڪو انهن ڏانهن اک کڻي به نه ڏسندو هيو، ان ئي سوات ۾ تمام جلد اهڙي تبديلي آئي، جو اتي انسانن جون منڍيون اسان ۽ توهان لابارن وانگر لهندي ڏٺيون آهن.

لاهور ۾ پنجاب هائوسنگ سوسائٽي واري علائقي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن بعد گرفتار ڪيل حيدرآباد جي ناري نورين لغاري بابت سڀ ڳالهيون هاڻي واضح ٿي ويون آهن ته معاملو ڇا هو؟ ان جو ڪالهه وڊيو بيان ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ نورين سڄو احوال ٻڌايو ته هوءَ ڪيئن انهن معاملن ۾ پنهجي مرضيءَ سان شامل ٿي. ذريعن جي انڪشاف موجب هن اڍائي مهينا اڳ مارجي ويل دهشتگرد محمد علي طارق سان شادي ڪئي هئي. آپريشن ۾ مارجي ويل محمد علي طارق ۽ نورين  خودڪش نيٽ ورڪ جو حصو هئا ۽ نورين ۽ ٻيا حملي آور منصوبي تحت ايسٽر جي موقعي تي آپگهاتي حملو ڪن ها. نورين موجب هوءَ پاڻ به هڪ آپگهاتي بمبار طور تيار هئي. مارجي ويل دهشتگرد محمد علي طارق بيديان روڊ علي پارڪ جو رهواسي هو ۽ ٽن مهينن کان گم هو، هن وقت محمد علي طارق جا گهر وارا به غائب آهن. آپريشن واري ڏينهن سيڪيورٽي فورسز تي جوابدار محمد علي طارق ۽ نورين لغاري 35 منٽ فائرنگ ڪئي، جنهن دوران ٻنهي 23 مئگزين فائر ڪيا. آپريشن واري هنڌ تي نورين جو ڪاليج ڪارڊ، سندس والد جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي ۽ والد جو خط به هٿ آيو آهي. نورين ڪالعدم تنظيم جو حصو  بڻجي اهي ڪاروايون ڪرڻ  لاءِ تيار ٿي هئي.

نورين جي واقعي ۾ سوشل ميڊيا تي سنڌي دوستن جا عجب تبصرا نظر آيا. هڪ دوست لکيو، نورين کان ٻاراڻي ٿي آهي، کيس والدين حوالي ڪيو وڃي. ٻئي همراهه لکيو، سنڌي ڇوڪري اهڙو عمل نٿي ڪري سگهي. ٽئين لکيو سنڌ تباهه ٿي وئي آخر ڪو ٻڌائي ته سنڌين ۾ ڀلا اهڙي قسم جا مرد ۽  عورتون ڇو ڪو نه ٿا پيدا ٿي سگهن؟ سنڌي ڪا خلائي مخلوق آهن ڇا؟ اسان هن دنيا جو حصو ناهيون؟ ڇا دنيا جي واقعن ۽  حالتن جو اسان تي اثر ناهي ٿيندو، سوين سال پراڻي صوفين جي شاعري ۽ مزاج سان آخر اسان ڪيستائين انهن  دهشتگرد ڀرتين جو رستو روڪي سگهنداسين؟ ڇا صوفين  صرف  شاعري ڪري سنڌ ۾ مذهبي هم آهنگي پيدا ڪئي هئي؟ بلڪل نه. هو  سوين سالن جي محنت ۽ رياضت بعد  سنڌ کي ان روپ ۾ آڻي سگهيا هئا. اسان جديد دنيا جي گهرج ۽ مناسبت سان ان ۾ واڌارو ڪرڻ  ته ڇڏيو، پر ان تعليم ۽ مزاج کي به قائم نه رکي سگهيا آهيون. نورين جي عمر جي ڪيترن نوجوانن کي شاهه، سچل، سامي، بلهي شاهه، باهو ۽ رحمان بابا جي خبر آهي؟ اسان جو نوجوان نسل ته پوري طرح سنڌي به نٿو لکي پڙهي سگهي، صوفين جو پيغام ڪٿان پڙهندو ۽ سمجهندو؟ وڏن اسڪولن ۾ پڙهائڻ واري شوق ۾ اسان پنهنجن ٻارن کي سنڌي پڙهڻ کان به پري ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن حڪمرانن جو سڄو ڌيان ڏينهن رات صرف ان ڳالهه ڏانهن آهي ته ڪرپشن ڪٿان ڪجي؟ ٻار اسڪولن ۾ ڇا ٿا پڙهن، مدرسن ۾ ڇا پيا پڙهن، مادري ٻولي پڙهي صوفين جي تعليم پڙهي سگهن ٿا يا نه، ڪورس ۾ ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگي وارا مضمون آهن يا نه، جي آهن ته اهي ڪيترا اثرائتا آهن؟ هي اهڙا سوال آهي، جن تي سوچڻ جو نه ڪنهن وٽ وقت آهي، نه وري ان جي ڪنهن کي پرواهه آهي. پوءِ لکين نوجوانن مان پنج، ڏهه ئي سهي، ڇو ڪونه  ويڙهاڪن جو اثر قبول ڪندا؟

نورين جو ڪيس اسٽڊي ڪجي ته اهي سوال ضرور ذهن ۾ اٿن ٿا ته هڪ نوجوان ڇوڪري تي والدين خاص ڪري ماءُ جي نظر ايتري گهري هوندي آهي، جو هوءَ پرفيوم جي خوشبوءِ تبديل ڪندي آهي ته به ماءُ ان کان پڇاڻو ڪندي آهي. نورين مذهبي لاڙن  ڏانهن گهرائيءَ سان  ايڏو راغب ٿي جو اڳتي هلي ڊاڪٽر ٿيڻ ڇڏي، گهر گهاٽ ڇڏي، مٽ مائٽ، دوست احباب، هر شئي ڇڏي وڃي ان حد تائين  پهتي، جو سوشل ميڊيا واري واقفيت آڌار نڪاح به ڪيائين،  شام مان به ٿي آئي ۽ نيٽ ورڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪندي ايسٽر جي موقعي تي حملن جي پلاننگ به ڪيائين ۽ والدين کي خبر ئي نه پئي ته سندن ڌيءَ جو رجحان ڪهڙي پاسي آهي!؟

ان جا ٻه رخ ٿي سگهن ٿا، هڪ ته والدين کي ٿوري گهڻي خبر هوندي ته سندن ڌيءُ ڪهڙن خيالن جي آهي، پر هنن جي خواب ۽ خيال ۾ به نه هوندو ته هوءَ ان حد تائين ويندي ۽ ٻي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن انهن کي صفا ڪا به  خبر ناهي ته پوءِ اها به والدين جي ڪوتاهي آهي ته هو پنهنجي اولاد کان ايترو بي خبر رهيا. مون کي نورين جي والدين، مٽن مائٽن جي ڪيفيت،  ڏک ۽ صدمي جو احساس آهي پر حالتن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي ته جيئن اهڙي قسم جي ٻين واقعن کي روڪڻ جا رستا ڳولي سگهجن. والدين کي پنهجن ٻارن جي چر پر تي نظر رکڻ کپي، انهن جي سائبر سرگرمي تي به جيترو ممڪن ٿئي، ڌيان ڏيڻ کپي، ڇاڪاڻ جو اڄ ڪلهه هر معاملو گهڻو ڪري انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سان ڳنڍيل آهي. يونيورسٽين ۾ استاد اهڙن شاگردن تي توجهه رکن، جن جي اٿڻي ويهڻي ۽ خيالن مان نورين جهڙي واقعي جهڙي هڪجهڙائي ملندي هجي.

باقي سنڌ ۾ ايئن نه ٿيڻ گهرجي، ائين ڇو ٿيو، سنڌي ڇوڪري ائين نٿي ڪري سگهي، سنڌي ائين نٿا ڪري سگهن وغيره وغيره جهڙي پِٽڪي مان ٻاهر نڪري زميني حقيقتن آڌار ڳالهين کي سمجهي جنهن کان جيترو ممڪن ٿي سگهي، سو پنهنجي وس آهر صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري ته بهتر ٿيندو. گهٻرائڻ ۽ خوف جي  ضرورت ناهي حالتن سان مقابلو ڪرڻ ۽ نئين صف بندي جي ضرورت آهي. هاڻي جڏهن نورين جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو آهي ته هر ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي رهيو ته نورين لغاري مذهبي اثر ۾ اچي دهشتگردي نيٽ ورڪ جو حصو ٿي پاڻ کي آپگهاتي بمبار طور اڏائڻ واري هئي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ واسين کي پنهنجي گهرن ۾ اهل عيال تي خاص ڪري نوجوانن جي طرز زندگي تي ٻيهر نظر وجهڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *