Tuesday , April 23 2024

نواز ۽ شهباز شريف سميت شريف خاندان خلاف جلد ڪرپشن جا ريفرنسز داخل ٿيندا

NAB logonawaz & shahbaz 1Hussain Nawaz03

سنڌسماءَچار جي اسلام آباد واري سماچاري موجب پاناما اسڪينڊل تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب شريف خاندان خلاف جلد مالي گهوٻيون هڻڻ جا ريفرنسز عيد کانپوءِ سُتَتُ داخل ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ نيب جي ڊپٽي چيئرمين امتياز تاجور به تصديق ڪئي آهي ته پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڏنل وقت ۾ شريف ڀائرن خلاف ريفرنس فائنل ڪري ڇڏينداسين، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امتياز تاجور چيو ته ڪنهن هڪ سياستدان خلاف ڪم ڪيون ته اهو اسان جي خلاف ڳالهائيندو آهي. ڪڏهن هڪ طرف کان ته ڪڏهن ٻئي طرف کان دٻاءُ پوندو آهي.

امتياز تاجور جو چوڻ هو ته نيب پنهنجي صلاحيت موجب ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي، اسان تنقيد کي مثبت انداز ۾ وٺي پنهنجو پاڻ ۾ سڌارو آڻيندا آهيون، هن چيو ته اسان کي ڪم ڪرڻ ۾ وڏين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اسان جي ڪجهه افيسرن ۽ سندن گهر ڀاتين کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن نيب جي نيب جي  ڊي جي آپريشنز ظاهر شاهد چيو ته سپريم ڪورٽ نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ ڊاڪٽر عاصم کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني. پاناما ڪيس تي سمورن ادارن جو موقف رڪارڊ ڪري ورتو آهي ۽ مقرر وقت تي پاناما ڪيس بابت ريفرنس فائنل ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *