Friday , March 29 2024

نواز ليگ پاران جي آءِ ٽي جي رپورٽ طوطي ۽ مينا جي ڪهاڻي قرار، ن ليگ نواز شريف ۽ چوڌري نثار جي گروپن ۾ ورهائجي وئي: ذريعا

nawaz meeting JIT

اسلام آباد: گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽ کانپوءِ حڪمران پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (نواز) ٻن گروپن ۾ ورهائجي وئي آهي، هڪ گروپ وزيراعظم نواز شريف ۽ ٻيو چوڌري نثار جي جي صورت ۾ ان وقت ڄٽا ٿي بيٺا جڏهن، سپريم ڪورٽ پاران پاناما مامري جي وڌيڪ جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽ اچڻ بعد وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ وزيراعظم جي ويجهن ساٿين جو اجلاس ٿيو. ن ليگ جي ذريعن موجب چوڌري نثار واضع طور تي وزيراعظم نواز شريف کي صلاح ڏني ته موجوده صورتحال ۾ ادارن سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ بدران اوهان/ وزيراعظم نواز شريف استعيفيٰ ڏئي پارٽي جي ڪنهن به ٽن ماڻهن کي وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ۽ پوءِ انهن مان ڪنهن هڪ نالي کي گڏيل صلاح مشوري ۽ اجلاس کان ٻاهر ويٺل همدردن ۽ گهڻ گهرن کان به صلاح وٺي حتمي نالي جو اعلان ڪيو وڃي. سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب وزيراعظم نواز شريف، طارق ڪرماڻي، خواجا سعد رفيق، خواجا آصف ۽ ٻين چوڌري نثار جي صلاح کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو.

Nawaz1

ٻئي طرف وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نواز ليگ جي وفاقي حڪومت گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽ کي مڪمل طور تي رد ڪندي ان کي ردي جي ٽوڪري حوالي ڪرڻ جهڙو قرار ڏيندي ان کي قبول نه ڪرڻ ۽ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پي ايم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ قانوني ماهرن کيس جي آءِ ٽي جي رپورٽ بابت بريفنگ ڏني، جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد وزيراعظم قانوني ٽيم کي قانوني جنگ لاءِ تياري جي هدايت ڪئي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ ۽ استعيفيٰ نه ڏيڻ جو مشورو ڏنو، وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان جا هٿ صاف آهن، مون يا منهنجي خاندان ڪنهن به قسم جي بدعنواني نه ڪئي آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جي آءِ ٽي رپورٽ خلاف سومر کان اڳ عدالت سان رابطو ڪيو وڃي.

ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس کانپوچوڌري نثار کي چيو ويو ته، اجلاس ختم ٿيڻ بعد هُو سڄي مامري بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏئي، جنهن تي هن ان کان انڪار ڪندي چيو ته، اجلاس بابت سُڌسماءُ جي وزيرياڻي ۽ پارٽي جو اطلاعات سيڪريٽري پريس ڪانفرنس ڪري ميڊيا کي بريف ڪري. ذريعن موجب چوڌري نثار جي اهڙي جواب بعد وزيراعظم نواز شريف جي هدايت تي وفاقي وزير احسن اقبال، بئريسٽر ظفر الله خان، خواجا آصف ۽ شاهد خاقان عباسي پي آءِ ڊيءَ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ راضي ٿيا. پريس ڪانفرنس ڪندي نواز ليگ جي اڳواڻن جي آءِ ٽي رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته رپورٽ ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، رپورٽ ۾ ڪو به ثبوت ۽ دليل ناهي نه ئي ڪو مواد آهي، احسن اقبال وڌيڪ چيو ته رپورٽ بابت اسان اڳ ۾ ئي تحفظات ظاهر ڪيا هئا، جيڪي سچ ثابت ٿيا، هن چيو ته رپورٽ ان سياسي جماعت جي آهي، جيڪي الزام سياسي بنيادن تي لڳندا هئا، اهي ئي ظاهر ڪيا ويا آهن، هن چيو ته حڪومت خلاف يا وزيراعظم خلاف ڪو مالي گهوٻين جو الزام لڳايو وڃي ها ته ٽيڪس چوري جو هجي ها ته ڳالهه سمجهه اچي پي سگهي پر سمورا الزام وزيراعظم جي خاندان جي ڪاروبار مٿان لڳايا ويا آهن. جنهن کان وزيراعظم الڳ ٿي چڪو آهي. هن چيو ته رپورٽ کي سپريم ڪورٽ آڏو چئلينج ڪيو ويندو ۽ بي نقاب ڪيو ويندو، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي کي 13 سوالن تي لڳايو هو پر جي آءِ ٽي ٽرائل ڪورٽ بڻجي وئي جنهن طئه ڪيل مامرن کان گهڻو اڳتي وڃي ڪردار ادا ڪيو. جي آءِ ٽي جي اهڙي ڪردار پٺيان هڪ سياسي ايجنڊا جو هجڻ واضع ٿي ويو شآشآهي.

Press confernce

ن ليگ جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته، رپورٽ جو وڪيلن جي ٽيم جائزو وٺي رهي آهي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ ۾ ان جا بکيا اڊيڙيا ويندا. حڪومت ملڪ کي ترقي ڏياري آهي، جنهن ڪري سياسي ۽ ملڪي مخالف سياسي ڌريون ڏڦيڙ پکيڙي ملڪي ترقي جو سفر روڪي رهيا آهن. هن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ڌرڻو ون ۽ ٽو جيان ناڪام ٿيندي، هي رپورٽ ڌرڻو 3 آهي، جيڪو به ناڪام ويندو. مخالفن جي حملي کي ناڪام بڻائينداسين، ان موقعي تي بئريسٽر ظفر الله ڳالهائيندي چيو ته محترم جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٺهي هئي خيال هو ته هي انصاف واري رپورٽ ڏيندي، هي رپورٽ جي آءِ ٽي جي نه پر پي ٽي آءِ جي آهي، هن چيو ته جاچ ڪندڙ تعصب پرست نه هجن پر جي آءِ ٽي ۾ اهڙا ماڻهو شامل آهن، جي آءِ ٽي ۾ عامر عزيز انهن ۾ شامل آهي، جنهن مشرف دور ۾ ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، جن کي عدالت رد ڪيو آهي، هن جو محاذ سان لنڪ آهي، هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيندڙن کي ڌمڪايو ويو، طارق شفيع ۽ جاويد ڪياني سان به ائين ڪيو، هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ 4 اهڙا ميمبر شامل هئا، جن جو فوجداري ۽ قانون شهادت سان ڪو تعلق نه هو. هن چيو ته سڀ کان اهم گواهه جو بيان رڪارڊ پڻ نه ڪيو ويو. جي آءِ ٽي جي چيئرمين واجد ضياءَ مشرف کي خط لکي ٽائيم گهرندو هو ۽ گهر وڃي بيان لکندو هو ته هاڻي ڇو نه ويو، هن چيو ته رپورٽ رام ڪهاڻي ۽ طوطا مينا ڪهاڻي آهي، اسان رپورٽ تي اعتراض سپريم ڪورٽ آڏو رکنداسين.

khuwaja asif 1

پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته رپورٽ ۾ ڪا ڳالهه نئين ڳالهه ناهي، رپورٽ ۾ به سورس آهي ان جي عدالت ۾ اهميت ناهي، رپورٽ ۾ رحمان ملڪ جي ڳالهين تي اعتماد ڪيو ويو آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ رحمان ملڪ جي ڳالهين تي گهڻو زور ڏنو آهي، جنهن جو نالو ئي ڪافي آهي، ڪهاڻي ختم ناهي ٿي شروع ٿي آهي. هن چيو ته نواز شريف کي حسين نواز سموري رقم بئنڪ جي معرفت موڪلي آهي، هن چيو ته هي سياسي جنگ آهي، اسان قانوني جنگ عدالت ۾ وڙهنداسين، سمورا قانوني حربا استعمال ڪنداسين، هن چيو ته هاڻي ڪهاڻي اڃا شروع ٿي آهي، اسان کي عدالت تي اعتماد آهي، هن چيو ته آف شور ڪمپنيون قانون کان آزاد ناهن، سموريون قانون اندر آهن، ٻين ملڪن ۾ اڃا به قانون سخت آهن، هن چيو ته هي انصاف ناهي، اسان سمورن محاذن تي جنگ وڙهنداسين، ان موقعي تي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان جي آءِ ٽي متعلق اڳ ۾ ئي تحفظات ظاهر ڪيا هئا، جيڪي سچ ثابت ٿيا، هن چيو ته ڪو به خوف ناهي ۽ عوام جي عدالت ۾ اسان جو ڪيس مضبوط آهي، رپورٽ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ناقابل يقين آهن، ان سان مشرف دور جي بي بنياد الزامن جي ياد تازي ٿي وئي آهي، اسان جو ڪيس عوام جي عدالت ۾ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته مائينس ون فارمولو پلس ۾ تبديل ٿيندو، اهو طاقت ۾ شامل ٿيندو، هن چيو ته فون ٽيپ ڪرڻ وارا الزام غلط هنيا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *