Friday , April 19 2024

نواز شريف ۽ مريم نواز کي جهاز مان ئي گرفتار ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان ”اي“ ۽ ”بي“ تيار

اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز کي نيب پاران لاهور يا اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهچڻ شرط جهاز اندر ئي حراست ۾ وڄي ٻاهر اچي سندن گرفتاري ظاهر ڪئي ويندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جهاز اندر ئي ميڊيا سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. احتساب عدالت پاران ايون فيلڊ فليٽس ريفرنس ۾ سزا آيل اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز کي نيب پاران گرفتار ڪرڻ جون سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

وفاقي بچاءَ واري وزارت نيب سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي لاهور ۽ اسلام آباد ايئرپورٽس جي رن وي تائين رسائي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ مطابق نواز شريف جو جهاز جيئن ئي لينڊنگ ڪندو ته، نيب جي ٽيم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن سان گڏ کيس جهاز اندر ئي حراست ۾ ورتو ويندو. ذريعن موجب جهاز مان لهڻ دوران يا بعد ۾ کيس ميڊيا تائين رسائي ڏيڻ ئي نه ڏني ويندي ۽ کيس فوري طور تي حراست کي گرفتاري ۾ ظاهر ڪري نواز شريف ۽ مريم نواز کي خصوصي هيليڪاپٽر ۾ منتقل ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ هيليڪاپٽر ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز کي گرفتار ڪري منتقل ڪيو ويندو ۽ ٻئي هيليڪاپٽر ذريعي سندن هوائي نگراني / حفاظت ۾ نيب هيڊوارٽر لاهور منتقل ڪيو ويندو. ٻئي هيليڪاپٽر کي جيل ۾ لاٿو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي پلان ”اي“ تحت نيب هيڊڪوارٽز ۾ ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ ٻنهي ڄڻن کي جيل منتقل ڪيو ويندو. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطاب سيڪيورٽي جي پلان ”بي“ تحت هڪ هيليڪاپٽر کي نيب هيڊ ڪوارٽرز ۽ ٻئي کي جيل منتقل ڪيو ويندو پر نواز شريف ۽ مريم نواز جيل ويندڙ هيليڪاپٽر ۾ هوندا ۽ ضروري قانوني ڪارروائي جو انتظام به جيل اندر ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *