Friday , April 19 2024

نواز شريف گريٽر پنجاب ٺاهڻ جي راند کيڏڻ طرف وڌي رهيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه آصف زرداري نوازشريف تي الزام مڙهيو آهي ته هو گريٽر پنجاب جي راند کيڏڻ طرف وڃي رهيو آهي .هن چيو ته  شريفن جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، اسان کين جلد گهر ڀيڙو ڪنداسين، مجيب رحمان محب وطن هو،نوازشريف کي هاڻ ياد آيو آهي،پيپلز پارٽي پاڪستان ٽوڙڻ جي ڳالهه نه ڪئي،عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جو چوڻ هو ته بنيادي طور تي اسان کي هڪ ڏينهن جو احتجاج ڪرڻو آهي،پر حالتن مطابق طعي ڪنداسين ته ڪيترا ڏينهن احتجاج ڪرڻو آهي.

بلاول هائوس لاهور ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته  محترما جي شهادت تي  محترما جي پٽ چيو ته جمهوريت بهترين بدلو آهي،هن چيو ته اسان پاڪستان کپي جو نعرو هنيو.اسان ملڪ جو قدر ڄاڻون ٿا.هن چيو ته حڪمرانن تي دٻاءَ پيو ته کين استعيفا ڏيڻي پوندي،نوازشريف به چار مهينا مجيب رحمان ٿيڻ چاهيندو، پر اسان کيس روڪينداسين.جيڪو پاڪستان جو دشمن هوندو، اهو اسان جو دشمن هوندو. آصف زردارري چيو ته هن ڀيري آر او اليڪشن ٿيڻ نه ڏينداسين،حڪمرانن جي وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي. هن چيو ته شريف ڀائر چاهين ٿا ته سندن تخت بچي وڃي،هنن کي عوام جو ڪوبه فڪر ناهي،پر اقتدار جو فڪر آهي.

زرداري چيو ته بلوچستان ۾ آيل تبديلي ۾ سندس ڪوبه هٿ ناهي،پر ڪجهه دوا ۽ دعا ضرور ڪئي سين. جيڪڏهن وڏو وزير بلوچ هوندو ته بلوچستان ترقي ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري  چيو ته احتجاج ۾ سڀ برابر جا ميزبان آهن،هڪ ئي اسٽيج هوندو،جتان سڀ خطاب ڪندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *