Friday , March 29 2024

نواز شريف ڪڏهن به پارليامينٽ نه وڃي سگهندو،جهانگيرترين سڄي حياتي لاءِ نااهل

اسلام آباد (رپورٽر سنڌسماءَچار) آئين جي آرٽيڪل 62 (1) ايف/F تحت نااهل ٿيل ڪو به عوامي نمائندو/پارليامينٽيرين (ڪو به چونڊيل عوامي نمائندو) سڄي زندگي لاءِ نااهل هوندو، جيڪو نااهل ٿيڻ کانپوءِ ڪڏهن به وري عوامي نمائندو/پارليامينٽيرين (ڪو به چونڊيل عوامي نمائندو) ٿي نه سگهندو، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 5 ميمبرن تي مشتمل لارجر بئنچ، آئين جي آرٽيڪل 62 (1) ايف/F تحت پارليمنٽ ميمبرن جي نااهلي جو وضاحت سان لاڳاپيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جنهن تحت هي نااهلي تاحيات هوندي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بينڪ ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. 10 ٻڌڻين کانپوءِ 14 فيبروري 2018 تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو. جسٽس عمر عطا بنديال محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو، فيصلي وقت لارجر بينچ ۾ شامل 5 مان 4 ججز فيصلو ٻڌائڻ وقت عدالت ۾ موجود هئا. لارجر بئنچ جو پنجون جج، جسٽس سجاد علي شاهه، اسلام آباد ۾ نه هجڻ ڪري فيصلو ٻڌائڻ وقت بئنچ ۾ موجود نه هو.

عدالتي فيصلو ۾ چيوويو آهي ته، ”جيڪو شخص صادق ۽ امين نه هجي ان کي آئين تاحيات نااهل قرار ڏيندو آهي، ان سلسلي ۾ عدالتي ڊڪليئريشن موجود آهي جنهن مطابق نااهلي برقرار رهندي“.

آرٽيڪل 62 ايف ون بابت آيل سپريم ڪورٽ جو فيصلو، لارجر بينچ ۾ شامل 5 ججن جو گڏيل طور تي فيصلو آهي. جنهن ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ اضافي نوٽ پڻ لکيو آهي. ياد هجي ته سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي حوالي سان 28 جولائي 2017 تي فيصلي ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو هو جنهن بعد هو وزير اعظم جي عهدي هٽايو ويو هو.

ٻئي پاسي گذريل سال 15 ڊسمبر تي اعليٰ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي پڻ نااهل قرار ڏنو هو.اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين کي آئين جي ان ئي شق يعني آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت نااهل قرار ڏنو ويو هو. جنهن بعد هن بحث جي شروعات ٿي جنهن بعد سپريم ڪورٽ طرفان انهن کي فردن کي تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو يا نااهلي ڪنهن مخصوص مدت لاءِ آهي. ان شق جي تشريح جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ 13 مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي.سپريم ڪورٽ ۾ هي درخواستون داخل ڪندڙن ۾ اهي اسمبلي ميمبر پڻ شامل هئا جن کي جعلي تعليمي ڊگرين جي بنياد تي نااهل قرار ڏنو ويو هو. درخواستن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت تاحيات نااهلي جو قانون ختم ڪري ان جي مدت جو فيصلو ڪيو وڃي. ان باوجود اهو  واضح رهي ته اڳوڻو وزير اعظم آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت نااهلي جي مدت جي تشريح  جي لاءِ عدالتي ڪاروائي ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو . 6 فيبروري جو سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪيل پنهنجي جواب ۾ نواز شريف موقف اختيار ڪيو هو ته ڪيترن ئي متاثرن ڌرين عدالت جي اڳيان آهن، اهي سندس ڪيس کي متاثر نٿا ڪرڻ چاهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *