Friday , March 29 2024

نواز شريف کي وزيراعظم جي عهدي تي رهڻ جو ڪوبه قانوني ۽ اخلاقي جواز ناهي: خورشيد شاهه/شاهه محمود قريشي

Shah mehmood & khursheed shah

پاناما اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ يم پاران پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ ۽ رپورٽ پڌري ٿيڻ بعد، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان ترحريڪ انصاف سميت مخالفف ڌر جون سموريون پارٽيون ون پوائنٽ ايجنٽ تي متفق ٿي ويون آهن. خورشيد شاهه چيصو آهي ته پارليامينٽ ۽ جمهورين کي وزيراعظم ۽ نواز ليگ مان خطرو آهي. شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نواز شريف کي هاڻي گهر وڃڻو ئي پوندو.

مخالف ڌر جي پارٽين وزيراعظم تي استعيفيٰ لاءِ دٻاءُ وڌائڻ لاءِ رابطن ۽ گڏيل صلاح مشورن جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. پ پ ۽ پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جو خصوصي اجلاس سڏائڻ لاءِ ريڪوزيشن جمع ڪرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهه محمود قريشي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، اپوزيشن ليڊر جي چئمبر ۾ ٿيل ملاقات اڳواڻن  جي آءِ ٽي رپورٽ بعد جي صورتحال تي ويچاريو. ٻنهي اڳواڻ ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ته، جي آءِ ٽي رپورٽ بعد وزيراعظم کي عهدي تي رهڻ جو ڪو به قانوني ۽ آئيني حق ناهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالکهه تي اتفاق ڪيو ته وزيراعظم کان استعيفا ڏيارڻ لاءِ مخالف ڌر جون سموريون پارٽيو گڏيل حڪمت عملي تيار ڪري قومي اسيمبلي جو به اجلاس سڏائڻ لاءِ رڪيوزيشن جمع ڪرائين.

Maryam

ملاقات کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو ته پهرئين پارليامينٽ کي ڪنٽينر مان خطرو هو پر اڄ جي حالتن ۾ مامرو ابتو ٿي ويو آهي ۽ اڄ پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي نواز شريف ۽ ان جي پارٽي جي رويي مان خطرو آهي. جيڪڏهن نواز شريف هاڻي به پاڻ کي وزارت عظميٰ کان الڳ ڪري ٿو ته تاريخ ان کي ياد رکندي ۽ ٻي صورت ۾ سندس رخصتي ان جي ذات ۽ جمهوريت ٻنهي لاءِ بهتر نه هوندي. خورشيد شاهه چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ وزيراعظم ۽ ان جو خاندان واضح طور ملوث آهي ته مان به وزيراعظم کان فوري استعيفيٰ جو مطالبو ڪيان ٿو، هن چيو ته وزيراعظم يوسف رضا گيلاني عهدو ڇڏي عدالتي فيصلي تي عمل ڪيو، اسان به پنهنجي حڪومتي دور ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪري سگهياسين پئي پر اسان ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جي فيصلي آڏو سر جهڪايو، هن چيو ته اسان جي مقابلي ۾ هي حڪومت فوج ۽ عدليا کي بدنام ڪرڻ جي روش تي نڪتي آهي ۽ اهو رويو انتهائي تشويشناڪ آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته ملڪ ادارن سان هلندو آهي، اڄ اسان جي ادارن کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف ملڪ اندروني ۽ بيروني مسئلن جو شڪار آهي ۽ اها خطري جي صورتحال آهي، هن چيو ته جيڪڏهن (ن) ليگ نواز شريف جي جڳهه تي ڪو ٻيو وزيراعظم ڏئي ته ڪنهن کي ڪو اعتراض نه هوندو، ڇاڪاڻ ته هو اڳ ۾ چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن الزام ثابت ٿيو ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس، اڄ پارليامينٽ خطري ۾ آهي، وزيراعظم پنهنجي عهدي کان ڌار ٿي وڃي. هوڏانهن جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته مسئلو ن ليگ جو نه پر شريف خاندان جو آهي، نواز شريف استعيفيٰ ڏئي عدالت کي آزاداڻو فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏئي، ٻئي طرف عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف نيب ريفرنس کان اڳ استعيفيٰ ڏئي، نه ته جيل ويندو.

Shah M q

خورشيد شاه سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اپوزيشن ليڊر سان جي آءِ ٽي رپورٽ تي ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ ٻئي پارٽيون قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرائڻ لاءِ رڪيوزيشن جمع ڪرائڻ تي متفق آهن. ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار سان به فون تي رابطو ٿيو آهي ٻين اپوزيشن پارٽين سان رابطو ڪيو ويندو.شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته، بلاول ڀٽو جي بيان عمران خان جي بيان جي تائيد ڪئي آهي. نواز شريف جو استعيفيٰ ڏيڻ جمهوريت ۽ ن ليگ لاءِ فائدي مند ثابت ٿيندو، هن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ بعد نواز شريف اخلاقي،قانوني۽سياسي جواز وڃائي ويٺو آهي،ان کي فوري استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته،جيڪي حقيقتون سامهون آيون آهن،ان بعد ڪا گنجائش باقي نه بچي آهي.اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه نواز شريف کي پارليامينٽ لاءِخطروقرار ڏيندي کيس فوري استعيفيٰ جي گهر ڪري ڇڏي آهي۽چيو آهي ته هو پارٽي مان ڪنهن ٻئي کي وزيراعظم نامزد ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *