Friday , April 26 2024

نواز شريف کي شگر ۽ دل جو عارضو،علاج 6اپريل بعد ٿيدو

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماچار) قيد جي سزا ڪاٽيندي 6 هفتن جي ضمانت تي آزاد ٿيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تازين ميڊيڪل رپورٽ ۾ انڪشاف  ٿيو آهي ته سندس دل جي شريانيون بند ۽ شگر جو به عارضو آهي، دل جي عارضي جون وڌيڪ ٻه اهم ٽيسٽو عام نه پر جديد ترين مشينن ذريعي ڪيون وينديون. علاج لاءِ ضمانت تي آزاد ٿيل نوازشريف جي طبي چڪاس جو سلسلو جاري آهي، ان  سلسلي ۾ 30مارچ تي به شريف ميڊيڪل سٽي ۾ سندس اهم ٽيسٽ ڪيون ويون آهن، جن ۾ اهو انڪشاف ٿيو آهي ته سندس دل جي ؛اٻي پاسي واريون ٻئي شريانيون بند آهن. نوازشريف جي دل جي بند شريانين جي جديد مشينن ذريعي ايندڙ هفتي ايڪو ۽ هولٽر ٽيسٽ ڪرايون وينديون نواز شريف جي ذاتي ڊاڪٽرز جو چوڻ آهني ته سندس دل جي بند شريانين ۽ شگر جي ٽيسٽ ٿيڻ بعد ميڊيڪل رپورٽس جي بنياد تي علاج شروع ڪيو ويندو، ن ليگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي دوائون ته ڏنيون پيون وڃن پر سندس باقائده علاج 6هين اپريل کانپوءِ شروع ڪيو ويندو.

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي قائد اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي دل جي کاٻي پاسي واريون شريانيون درست نموني ڪم نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد سندس ڊاڪٽرن ايندڙ هفتي وڌيڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گذريل ڇنڇر تي نواز شريف کي شريف ميڊيڪل سٽي آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس مختلف ٽيسٽون ڪيون، ان موقعي تي سندس اي سي جي به ڪئي وئي. هن چيوته، ڊاڪٽرن اي سي جي ۾ بي ترتيبي نظر اچڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته دل جي ڌڙڪن جي ترتيب گهٽ وڌائي معمول مطابق نه هجڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. سندس چوڻ آهي ته، ڊاڪٽرن دل جي ڌڙڪن کي ترتيب ۾ آڻڻ لاءِ ”پيس ميڪر“ ۽ ”آءِ سي ڊي“ ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي، انهن مشينن جي استعمال جو مقصد دل جي ڌڙڪڻ کي هڪ هنڌ کان هيٺ وڃڻ کان بچائڻ هوندو آهي. مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊاڪٽرن ان موقعي تي ميان نواز شريف جي اکين ۽ ان جي اندروني حصي جو به مشين ذريعي معائنو ڪيو ۽ شگر جي اکين جي اندروني حصن تي اثر جو جائزو ورتو، ڊاڪٽرن دل جي ڌڙڪڻ کي جاچڻ لاءِ جديد مشين ذريعي “هولٽر” ۽ “ايڪو” ٽيسٽون ايندڙ هفتي ڪرائڻ جو فيصلو به ڪيو آهي، هولٽر ذريعي دل جي ڌڙڪڻ جي 24 کان 48 ڪلاڪن تائين مسلسل نگراني ڪئي ويندي آهي، ڊاڪٽرن ميان نواز شريف جي علاج لاءِ ڊگها صلاح مشورا به ڪيا.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *