Thursday , March 28 2024

نواز شريف پارٽي صدارت لاءِ به نااهل؛سپريم ڪورٽ لکت ۾ تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ 2017 جي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، 51 صفحن  تي لکيل فيصلي مطابق نااهلي کان پوءِ نواز شريف پارٽي صدر نه پيو رهي سگھي. سپريم ڪورٽ 21 فيبروري کي اليڪشن ايڪٽ 2017ع بابت ڪيس جي فيصلي ۾ نواز شريف کي پارٽي جي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏنو هو جڏهن ته عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو هو ته آئين جي قلم 62، 63 تي پورو نه لهڻ وارو نااهل شخص ڪنهن سياسي پارٽي جي صدارت نٿو ڪري سگھي.

تفصيل موجب سپريم ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جو 51 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جي لکيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ اهڙي ڪا شق نه هئي جو نااهلي کان پوءِ ڪو پارٽي صدر رهي سگھي. اهڙي قانون جي غيرموجودگي ۾ نواز شريف پارٽي صدر بڻجڻ جو حقدار نه هو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ (ن) قومي اسيمبلي ۾ سيٽن جي اعتبار سان سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي، (ن) ليگ قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت جي بنياد تي حڪومت قائم ڪئي ۽ نواز شريف مسلم ليگ (ن) جو صدر هو. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 3 اپريل 2016ع تي آءِ سي آءِ جي طرفان پاناما ڪيس سامهون آيو ۽ ان بابت سڄي دنيا جي اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون.

دنيا جي مختلف ملڪن جي شخصيتن جون آف شور ڪمپنيون سامهون آيون. آف شور ڪمپنين جي حوالي سان ان وقت جي پاڪستاني وزيراعظم نواز شريف جي ٻارن جا نالا به سامهون آيا. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ پاناما ليڪس جي ڪري ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن استعيفائون ­ڏيون، نواز شريف قوم کي خطاب پارليمنٽ اندر مختلف وضاحتون پيش ڪيون، تڪراري بيانن جي ڪري نواز شريف ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. عدالتي فيصلي موجب ڪجھه ماڻهو پٽيشن وٺي سپريم ڪورٽ ۾ آيا، ان تي 5 رڪني لارجر بينچ 20 اپريل 2017ع تي هڪ فيصلو ڏنو جنهن ۾ 2 ججن نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 20 اپريل واري فيصلي ۾ 3 ججن جي آءِ ٽي بڻائڻ جو حڪم ڏنو جنهن 6 ڏينهن اندر ئي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي ۽ رپورٽ جي بنياد تي نواز شريف کي 62 ون ايف تحت نااهل قرار ڏنو ويو. فيصلي موجب ان عرصي دوران نواز شريف (ن) ليگ جو پارٽي صدر رهيو پر نااهلي کان پوءِ نواز شريف مسلم ليگ (ن) جو سربراهه نه پيو رهي سگھي.

 

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *