Thursday , March 28 2024

نواز شريف پارليامينٽ، عوام ۽ عدليه کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اقاما واري معاملي تي اکيون بند نه ٿيون ڪري سگهجن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌ سماءَ چار ) پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پاران نااهل قرار ڏيڻ خلاف نواز شريف جي درخواستن تي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ پاران 23 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، نواز شريف پاران پگهارون اثاثن ۾ ظاهر نه ڪرڻ کي غلطي قرار ڏيڻ جو تاثر غلط آهي، نواز شريف پاناما معاملي تي پارليامينٽ، عوام ۽ عدليا سان غلط بياني ڪري بيوقوف بڻايو، اقامي واري معاملو انتهائي اهم آهي ان کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.

تفصيلي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته، چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارمز ۾ سمورين ملڪيتن جا تفصيل ڏيڻ قانوني ضرورت آهي، جنهن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. نواز شريف پاران اقامون رکڻ ۽ 6 سالن جون پگهارون ظاهر نه ڪرڻ کي غلطي قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، نظرثاني واري درخواست ۾ چيو ويو ته، 183/3 تحت درخواسگذار / نواز شريف کي غلط نااهل قرار ڏنو ويو، پر اهڙو تاثر ڏيڻ به غلط آهي.

سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس خلاف نوازشريف ۽ ٻين جون نظرثاني درخواستون رد ڪرڻ وارو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو  آهي، فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوازشريف جي نااهلي واري فيصلي ۾ اهڙي ڪنهن به غلطي جي نشاندهي نه ڪئي وئي جنهن جي بنياد تي نظرثاني ڪئي وڃي ها. سپريم ڪورٽ پاران 23 صفن ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار جو شاهدين کانسواءِ نااهل قرار ڏيڻ وارو موقف درست نه آهي ۽ پاناما فيصلي ۾ ڪنهن غلطي جي نشاندهي نه ٿي آهي، جنهن جي بنياد تي نظر ثاني ڪئي وڃي.

تفصيلي فيصلي  ۾ اهو به چيو ويو آهي ته احتساب عدالت شاهدين جي قانون موجب جائزو وٺڻ ۽ فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽرائل ڪورٽ ڪمزور شاهدين کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي ۽ پاناما فيصلي ۾ ڏنل آبزويشنز عارضي نوعيت جون آهن. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته نواز شريف جي نااهلي بابت حقيقتون غير تڪراري هيون ۽ اهو نٿو چئي سگهجي ته فيصلي سان نواز شريف کي حيران ڪيو ڪيو ويو.  سپريم ڪورٽ پاران جاري  ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نگران جج مقرر ڪرڻ جو مقصد اجائي دير ۽ رنڊڪن کي روڪڻ هو.

مظلو نواز شريف نه پر انصاف مظلوم آهي: مريم نواز

مريم نواز سپريم ڪورٽ پاران نواز شريف ۽ ٻين جون نظر ثاني واريون اپيلون رد ڪرڻ واري فيصلي جي رد عمل ۾ چيو آهي ته  نوازشريف کان انتقام وٺڻ لاءِ ادارن جي ساک کي ڌڪ رسايو ويو ۽ ناانصافي خلاف ڳالهائڻ تي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو ويو آهي. مريم صفدر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاناما بابت  فيصلي ۾ پهرين سندس ذڪر نه هو پر هاڻي تفصيلي فيصلي ۾ نالو اچي ويو آهي. مريم نواز چيو آهي ته اهو فيصلو سخت دٻاءُ ۾ ئي اچي سگهي ٿو ۽ ٻي صورت ۾ انصاف جي بدليل شڪل ناقابل تصور آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *