Saturday , April 20 2024

نواز شريف مون کي کيڏائيندو رهيو ۽ اينٽ سي اينٽ بجاني وارو بيان ان جي چوڻ تي ڏنو: آصف زرداري

اسلام آباد/لاهور( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  نواز شريف اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪري ويو، اهڙو اعتراف آصف زرداري پاڻ لاهور ۽ اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته هاڻي نواز شريف سان ڪنهن به صورت ۾ اتحاد يا مفاهمت نه ٿيندي. بلاول هائوس اسلام آباد ۾ سرگوڌا ڊويزن جي وفد سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته پيپلزپارٽي ايندڙ چونڊن ۾ وڏي تياري سان حصو وٺندي، چونڊن لاءِ پارٽي ڪارڪنن سرگرم ٿي وڃن. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته موجودا حڪومت عوام جي تڪليفن ۾ واڌ ڪئي آهي، پيپلزپارٽي ايندڙ چونڊن ۾ وڏي تياري سان حصو وٺندي، اقتدار ۾ اچي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪنداسين.

آصف علي زرداري، سينئر صحافين ۽ پارٽي اڳواڻن کي نواز شريف کان وڇوٽين جا سبب ٻڌائيندي چيو ته “اينٽ سي اينٽ ” وارو بيان نوازشريف جي چال ۾ اچي ڏنو هو، هو جيترو ويچارو لڳي ٿو اوترو ئي موقعي پرست آهي. آصف علي زرداري چيو ته اسان سويلين بالادستي لاءِ نواز شريف سان ها ۾ ها ملائيندا رهياسين، هو اسان کي هر موقعي تي وڪرو ڪندو رهيو. پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين چيو ته مان سياست کان هٽي نوازشريف سان سماجي تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن منهنجي نيڪ نيتي جو ناجائز فائدو حاصل ڪيو.

هن چيو ته نوازشريف هر موقعي تي اسان کي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهائي پاڻ ساڻن دوستي ڪئي، پرويز مشرف جي مواخذي کان وٺي ٽوٽا چٻرائڻ جي بيان تائين نواز شريف ٺڳي ڪئي. هن چيو ته سنڌ ۾ نيب ۽ ٻين ادارن ذريعي ڪارروايون به نوازشريف جي چوڻ تي ڪيون ويون، هو پنهنجو ڪيتو پاڻ لوڻي، هاڻي مان ڪنهن به صورت ۾ سندس ساٿ نه ڏيندس. اڳوڻي صدر چيو ته نوازشريف پرويزمشرف تي غداري جو ڪيس داخل ڪيو ته هنن سندس ساٿ ڏنو، نوازشريف پنهنجي ويجهي آفيسر ذريعي خاطري ڪرائي ته پرويز مشرف کي وڃڻ نه ڏينداسين. اڳوڻي صدر چيو ته مان نواز شريف جي خاطري جي پڪ ڪئي ۽ ٻلي کي نه وڃڻ ڏيڻ جو بيان ڏنو پر نواز شريف پرويز مشرف کي پرڏيهه موڪليو.

هن چيو ته اسان هر ڀيري اقتدار ۾ اچي عوامي مسئلن کي ترجيح ڏيندا آهيون، وزيراعظم طور عوام کي نوڪريون ڏيڻ تي شهيد بينظير ڀٽو خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. سندس چوڻ هو ته موجودا حڪومت عوام جي تڪليفن ۾ واڌ ڪئي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي سبب عوام پريشان آهي. آصف علي زرداري چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار ۾ اچي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *