Thursday , March 28 2024

نواز شريف خلاف نيب ريفرنسز جي ڪارروائي پڄاڻي طرف وڌڻ لڳي، 6 پارليامينٽيرينز ن ليگ ڇڏي ويا

لاهور( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نون ليگ سان تعلق رکندڙ ڏکڻ پنجاب جي 6 ايم اين ايز ۽ ٻن ايم پي ايز پارٽي ڇڏڻ ۽ اسيمبلي رڪنيت تان استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ايم اين اي خسرو بختيار جي اڳواڻي ۾ ناراض پارليامينٽيرينس پريس ڪانفرنس ڪندي ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان به ڪيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران نون ليگ اڳواڻ خسرو بختيار قومي اسيمبلي جي سيٽن سان استعيفيٰ ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ۽ هن نون ليگ جي 6 ايم اين ايز ۽ ٻن صوبائي ميمبرن جي استعيفائن جو اعلان به ڪيو.نون ليگ ڇڏيندڙن ۾ طاهر اقبال، راڻا محمد قاسم، باسط بخاري، سردار دريشڪ، چوڌري سميع الله، سليم الله چوڌري ۽ طاهر بشير چيما شامل آهن.ان موقعي تي ڳالهائيندي خسرو بختيار ڏکڻ صوبو محاذ بڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم بلخ شير مزاري محاذ جو سرپرست هوندو.

هن چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد وفاق کي مضبوط ۽ نئين صوبي جي قيام جو اعلان آهي، سندن هڪ نڪاتي ايجنڊا آهي جنهن جو مقصد ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ آهي، ڏکڻ پنجاب جو عوام ۽ ڪيترائي اهم سياستدان اسان سان گڏ آهن. خسرو بختيار جو چوڻ هو ته 30 سالن کان ڏکڻ پنجاب جو عوام غربت ۽ جهالت جو شڪار آهي، ڏکڻ پنجاب ۾ غربت جي شرح 51 سيڪڙو آهي.خسرو بختيار جو چوڻ هو ته کين وسيلن جي منصفاڻي ورڇ نه پئي ملي، ڏکڻ پنجاب جي عوام کي پنهنجا حق گهرجن.هن چيو ته بليغ شير مزاري پنجاب صوبو محاذ جو چيئرمين ۽ نصر الله دريشڪ نائب چيئرمين هوندو، جڏهن ته هو ۽ باسط بخاري سينئر نائب صدر جون ذميواريون سنڀاليندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *