Thursday , April 18 2024

نواز شريف خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ٿيڻ جو امڪان؟؟

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار نيوز) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن (ر) صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس ڪيس جو فيصلو ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب به فيصلو ملتوي ٿي سگهي ٿو. سنڌسماءَچار جي معلومات مطابق، نواز شريف پاران فيصلو ملتوي ڪرڻ لاءِ سندس هڪ وڪيل پاران درخواست داخل ڪئي وئي آهي. فصلو ملتوي ڪرڻ واري عرضي / درخواست جي شنوائي اڄ (6 جولاءِ 2018 ، جمعي ڏينهن) مقرر ٿيل آهي. عرضي تي عدالت نيب جو موقف ٻڌڻ لاءِ نيب پراسيڪيوٽر کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن. نيب پراسيڪيوٽر اڄ صبح جو عدالت ۾ پيش ٿيندو. ذريعن موجب نيب پاران درخواست جي مخالفت ڪئي ويندي ۽ فيصلو اڄ (6 جولاءِ 2018 ، جمعي ڏينهن) ئي ٻڌائڻ جي درخواست ڪئي ويندي.

ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل معلومات مطابق، جيڪڏهن ايون فيلڊ فليٽس ريفرنسز جو عدالت پاران محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ وارو فيصلو هڪ هفتو ملتوي ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست ۾، نوازشريف جو وڪيل خواجا حارث(جيڪو ايون فيلڊس ريفرنس ۾ ڪيس جي پوئواري ڪندو رهيو آهي) اهو پيش ٿيو ته ۽ فيصلو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته ان تي غور ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن خواجا حارث نواز شريف پاران فيصلو هڪ هفتو ملتوي ڪرڻ واري اپيل ۽ احتساب عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست کي بنياد بڻائي ٿو.عدالت ۾ ريفرنس جي پوئواري ڪندڙ وڪيل ئي فيصلو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪري ٿو ته، عدالت ان جي درخواست تي غور ڪندي فيصلو ڪجهه ڏينهن لاءِ (ممڪن آهي ته سومر يا اڱاري تائين) ملتوي ڪري سگهي ٿي. ٻي صروت ۾ يعني خواجا حارث پاران درخواستن جي پوئواري نه ڪرڻ، نيب پراسيڪيوٽر۽ وفاقي سرڪار جي وڪيل/اٽارني جنرل يا ڊپٽي اٽارني جنرل پاران پيش ٿي مخالفت جي صورت ۾ به احتساب عدالت اڄ 6 جولاءِ 2018 تي ئي فيصلو ٻڌائي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ قانوني ماهرن جو به چوڻ آهي ته احتساب عدالت ڪيس جي جوابدارن /جوابدار جي غير موجودگي ۾ فيصلو نه ٻڌائڻ جي پابند ناهي.

قانوني ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن خواجا حارث بذات خود احتساب عدالت ۾ اڄ جمعي ڏينهن پيش نه ٿو ٿئي ۽ بيماري وغيره سميت ڪنهن به قسم جو عذر / ڪارڻ پيش ڪندي پنهنجي جونيئر ذريعي درخواست جمع ڪرائي ٿو ته پوءِ ريفرنس جي فيصلي جي ملتوي ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *