Friday , April 19 2024

نواز شريف جي طبيعت خطري جي لڪير تي پهچي وئي

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو ميڊيڪل چيڪ اپ، ميڊيڪل بورڊ پاران پريشاني جو اظهار، ڪئپٽن (ر) صفدر پاران نواز شريف کي حڪومت پاران زهر ڏيڻ جو انڪشاف

لاهور/اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي طبيعت انتهائي خراب ٿي وئي آهي، سروسز اسپتال لاهور ۾ ميڊيڪل بورڊ پاران نواز شريف جون مختلف ميڊيڪل ٽيسٽ ڪيون ويون آهن، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ميڊيڪل بورڊ نواز شريف جي صحت تي ڳڻتي ظاهر ڪري وڌيڪ ٽيسٽون ڪرائڻ ۽ کيس مڪمل طبي سهولتون مهيا ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. چوڌري شگرمز ڪرپشن ڪيس ۾ نيب جي حراست ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وي هئي، جنهن کي گذريل رات جو 10هين وڳي کانپوءِ نيب ٽيم سروسز اسپتال لاهور منتقل ڪري هنگامي بنيادن تي ميڊيڪل بورڊ جوڙي سندس طبي معائنو ڪرايو، گذريل رات کان هلندڙ طبي چڪاس جي مختلف ٽيسٽن جي رپورٽس اچڻ بعد ڊاڪٽرز نواز شريف جي صحت تي ڳڻتي جواظهار ڪيو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف جي رت ۾ پليٽي ليٽس جو تعداد انتهائي درجي تائين گهٽجي ويو آهي، جيڪو گذريل رات 12هزار 500 هو، اُهو تيزي سان گهٽجي 600 کان به گهٽجي ويو آهي. ن ليگ جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اها نواز شريف کان انتقام وٺي رهي آهي، نواز شريف جي ذاتر ڊاڪٽرز ۽ اسان جي مطالبن باوجود اڳوڻي وزيراعظم کي صحت جون سهولتون مهيا نه ڪيون ويون ۽ هاڻي نواز شريف جي حالت به انتهائي خراب آهي ان باوجود به حڪومت ٽال مٽول ڪري رهي آهي. نواز شريف جي ناٺي ڪئپٽن (ر) صفدر گذريل رات اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي هئي ته اڳوڻي وزيراعظم کي حڪومت زهر ڏنو آهي، سندس  اهڙي بيان کانپوءِ پنجاب پوليس کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو، جيڪو اڃا تائين پوليس وٽ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *