Thursday , March 28 2024

نواز شريف جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته، ڀارتي ميڊيا ناپاڪ مقصدن لاءِ نوازشريف جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، نواز شريف پنهنجي بيان ۾ نه چيو آهي ته رياست پنهنجي ماڻهن کي ممبئي موڪليو هو، خلائي مخلوق هجي يا زميني مخلوق، نون ليگ چونڊن ۾ حصو وٺندي ۽ ڪامياب ٿيندي، مان استعيفيٰ نه ڏيندس. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي ممبئي حملن بابت نوازشريف جو بيان ٻڌايو ته هن اهڙو بيان ناهي ڏنو، سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، قومي سلامتي ڪميٽي به انهن لفظن جي سخت مذمت ڪئي، جيڪي غلط پيش ڪيا ويا. نوازشريف سان لاڳاپيل بيان جا ڪجهه حصا درست نه آهن، موجوده صورتحال ۾ غلط فهميون اڳتي وڌي ويون هيون، نوازشريف چيو هو ته سندس انٽرويو کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو.

پريس ڪانفرنس دوران صحافي سوال ڪيو ته سول عسڪري ڇڪتاڻ تي اوهان ڇا چوندا، جنهن تي وزيراعظم چيو ته ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي رهندي آهي، حقيقتون سامهون اينديون آهن ته ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مون کي نه گهليو پيو وڃي ۽ نه ڪنهن کي گهلڻ جي اجازت آهي، وضاحتي بيان جو فيصلو منهنجو پنهنجو آهي، مون کي وضاحت ڪرڻ لاءِ نه آرمي چيف  چيو آهي ۽ نه نوازشريف چيو آهي. وزيراعظم چيو ته نوازشريف منهنجو ليڊر هو، اڄ به آهي ۽ اڳتي به رهندو، مون سميت شهبازشريف ۽ سڄي پارٽي ساڻس گڏ بيٺل آهي.وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت 31 مئي تائين قائم رهندي، مان نه استعيفيٰ لاءِ سوچي رهيو آهيان، نه ئي استعيفيٰ ڏيندس. شاهد خاقان عباسي چيو ته ممبئي حملي جي دهشتگرد جو تعلق پاڪستان سان نه هو، اسان پنهنجي زمين دهشتگردي خلاف استعمال ٿيڻ ناهي ڏني.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *