Tuesday , April 23 2024

نواز شريف جي بيان تي ملڪ ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو،شهباز شريف ۽ ن ليگ تاحيات قائد کي اڪيلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي تاحيات قائد نواز شريف جي ڊان اخبار کي مبمئي حملن ۽ اجمل قصاب بابت ڏين بيان کانپوءِ نواز شريف اڪيلو ٿي ويو آهي، صرف سندس ڌيءُ مريم نواز سندس پاسي بيٺل نظر اچي رهي آهي. مريم نواز سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته، ” ميان صاحب جيڪو ڪجهه چيو آهي، اهو ملڪ جي مفاد ۾ چيو آهي.“

Maryam Nawaz Sharif‏Verified account @MaryamNSharif 6h6 hours ago

جو میاں صاحب نے کہا ملک کے بہترین مفاد میں کہا۔ملک کو کیا بیماری کھوکھلا کر رہی ہے میاں صاحب سے بہتر کوئی نہیں جانتا۔وہ علاج بھی بتا رہے ہیں

مريم نواز پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته، ” ملڪ کي ڪهڙي بيماري لڳل آهي، اهو ميان صاحب کان بهتر ڪنهن به نٿو ڄاڻي سگهي، هو علاج به ٻڌائي رهيو آهي“. سندس چوڻ هو ته ميڊيا کي سختي سان چيو ويو آهي ته ن ليگ جي وضاحت پيش نه ڪئي وڃي ۽ پروپئگنڊا کي وڌايو وڃي، لڳي ٿو ته منصوبا ڪندڙ بي تاب آهن.

نواز شريف جي بيان جي ڀارتي ميڊيا غلط تشريح ڪئي: ن ليگ جي ترجمان جي وضاحت

نواز شريف جي بيان تي پارٽي ترجمان وضاحت ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي انٽرويو جي ڀارتي ميڊيا غلط تشريح ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي انٽرويو کانپوءِ ملڪي توڙي پرڏيهي ميڊيا ۾ پيدا ٿيل ٻڙڌڪ کانپوءِ آخر ڪار سڄو ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ رات دير سان ن ليگ به خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. ن ليگ ترجمان جو چوڻ آهي ته نواپاران ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، نواز شريف جي انٽرويو جي غلط تشريح ڪئي وئي آهي.  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي قومي سلامتي جي تحفظ بابت ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي. ن ليگ ترجمان موجب نواز شريف جي بيان کي ڀارتي ميڊيا غلط انداز ۾ پيش ڪيو، بدقسمتي سان پاڪستاني ميڊيا به ارادي يا غير ارادي طور ڀارتي خبرن کي موٽ ڏيندي اجائي واويلا کي هٿي ڏني پئي وڃي. ن ليگ ملڪ جي مشهور سياسي پارٽي آهي، نواز شريف وزيراعظم هوندي سمورا دٻاءَ رد ڪري ڇڏيا ۽ قومي سلامتي بابت اهم توڙي ڏکيا فيصلا ڪيا، انهن ئي ڏکين فيصلن جي ڪري پاڪستان هڪ ايٽمي قوت بڻيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *