Friday , April 19 2024

نواز شريف جو ناٺي ڪئپٽن (ر) صفدر گرفتار، مزاحمت جي ڪوشش

راولپنڊي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب نون ليگ جي اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي راولپنڊي ۾ ريلي دوران گرفتار ڪري ورتو، ڪيپٽن صفدر گرفتاري پيش ڪرڻ لاءِ راولپنڊي ۾ ريلي جي صورت ۾ پهتو ته نيب لاهور جي ٽيم ڪيپٽن صفدر کي گاڏيءَ مان لاهي حراست ۾ ورتو. احتساب عدالت ٻه ڏينهن اڳ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نون ليگ اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. نيب طرفان ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري لاءِ سندس مانسهره واري گهر تي ڇاپو هنيو ويو پر سندس گهر کي تالو لڳل هو، ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر راولپنڊي ۾ نون ليگ جي ريلي ۾ پهتو ته کيس گرفتار ڪيو ويو. نيب ۽ پوليس پاران ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي ريلي دوران گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر نون ليگ جي ڪارڪنن جي مزاحمت سبب کيس گرفتار نه ڪيو ويو. نيب جي ٽيم راولپنڊي جي سِڪسٿَ روڊ تان ريلي مان نون ليگ اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي گرفتار ڪري نيب اسلام آباد آفيس منتقل ڪيو.

نيب ٽيم نون ليگ اڳواڻ راڻا تنوير جي گاڏيءَ ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي اسلام آباد آفيس منتقل ڪيو. ٻئي پاسي نيب ٽيم سان مزاحمت ڪندڙ ليگي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نون ليگ اڳواڻن  سميت 100 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس مزاحمت ڪندڙن خلاف جاچ شروع ڪري ڏني آهي. ان کان اڳ صبح جو پنهنجي آڊيو بيان ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر گرفتاري ڏيڻ جو  اعلان ڪيو هو. ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جو چوڻ هو ته هن مانسهره مان گرفتاري ڏيڻ جو سوچيو هو پر پارٽي فيصلي تحت هو ڪنهن ٻئي شهر مان گرفتاري ڏيندو. نون ليگ اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جو چوڻ هو ته گرفتاري ڏيڻ غيرت جو تقاضو آهي ۽ ان حوالي سان پارٽي فيصلي جو احترام ڪندس.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *