Friday , March 29 2024

نواز شريف تي 2 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ٿيندو، حسن نواز، حسين، مريم ۽ ڪئپٽن صفردر جي گرفتاري جا وارنٽ جاري

Hussan & Hassan nawaz

اسلام آباد: احتساب پاران عدالت نواز شريف جي ٻارن جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي 2 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي، عدالت پيش نه ٿيڻ تي مريم نواز، حسن، حسين نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ٻڌڻي دوران نيب عدالت کي آگاهه ڪيو ته نواز شريف جي ٻارن کي عدالتي سمن تعميل ڪرايو ويو آهي ۽ اها تعميل لنڊن ۾ ڪرائي وئي آهي، پراسيڪيوٽر نيب عدالت کي ٻڌايو ته حسن شريف خاندان جو عاقل ۽ بالغ شخص آهي، هو سمن وصول ڪرڻ کانپوءِ به حاضر ناهي ٿيو، اها توهين عدالت آهي، ان ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

Maryam Nawaz JIT 01CAPTAIN-SAFDAR

ان موقعي تي نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث عدالت کي ٻڌايو ته نواز شريف جي گهرواري ڪلثوم نواز بيمار آهي، سندس طبي حالت دنيا جي سامهون آهي، ٻار ماءُ جي تيماداري ۾ مصروف آهن، جيڪڏهن هن نيب کي شڪآهي ته ڪلثوم جواز جو ميڊيڪل رڪارڊ پيش ڪري سگهجي ٿو، نيب جي پراسيڪيوتر چيو ته ڪلثوم نواز جي بيماري تي ڪو به اعتراض ناهي پر ٻار پاڪستان اچي عدالت ۾ پيش ٿي سگهن ٿا ۽ وري واپس وڃي سگهن ٿا، عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ حسن، حسين ۽ مريم نواز سيمت سندس مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي چيو ته ايندڙ تاريخ لاءِ جوابدارن کي هڪ ٻيو موقعو ڏنو پيو وڃي، ان ڪري سمورا جوابدار 2 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ٿين ته جيئن وڌيڪ ڪارروائي ڪري سگهجي.  عدالت جوابدارن کي 10-10 لک رپين جا مچلڪا به جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، ان کان اڳ نواز شريف جي ٻارن جو وڪيل امجد پرويز پيش ٿيو ۽ نواز شريف جي ٻارن جي حاضري لاءِ وقت ڏيڻ جي اپيل ڪئي، جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *