Friday , April 19 2024

نواز شريف احتساب عدالت جي فيصلي کان اڳ عمرو ڪرڻ بهاني ڀڄي وڃي: منظور وساڻ

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) صوبائي وزير منظور وساڻ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف احتساب عدالت جي فيصلي اچڻ اڳ ۾ ئي عمرو ادا ڪرڻ جي بهاني سان سعودي عرب ويندو جتان کان لنڊن ڀڄي ويندو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ پنهنجي نئين خواب  کي عجوام آڏو پڌرو ڪندي چيو آهي ته، نواز شريف، احتساب عدالت ۾ سندس ۽ سندس خاندان خلاف هلندڙ ڪرپشن ڪيس جي فيصلي کان اڳ ۾، عمرو ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويندو جتان هو لنڊن ڀڄي ويندو.هن چيو ته، نواز شريف ملڪ ۾ رهندو ته کيس گرمي ۽ جيل جي سختي برداشت ڪرڻي پوندس. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ طرفان بهتر فيصلو آيو آهي. ان فيصلي جا پري پري تائين نتيجا نڪرندا، فيصلي سان تاحيات نااهيل جا دروازا کلي ويندا. منظور وساڻ جو چوڻ هو ته فيصلي کان پوءِ ايندڙ وزير اعظم سڀني کي قبول هوندو، نواز شريف کي تاحيات نااهل ٿيڻو ئي هو. عمران خان جي حوالي سان هن چيو ته عمران خان خوش نه ٿئي حالتون سندس حق ۾ به ناهن، اڳتي هلي عمران خان کي خبر پوندي ته هو ڪيئن استعمال ٿيو، ڄام صادق جي وقت جهڙي حڪومت اچي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *