Friday , March 29 2024

نوازشريف ويو، آصف زرداري تيار ٿي وڃ شهباز ۽ شاهد خاقان کانپوءِ تنهنجو وارو آهي:عمران خان

PTI-Jalsa islamabad 03

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ نواز شريف جي نااهلي واري فيصلي کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران شڪراني جو جلسو ڪري ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي به پنهنجي نشاني تي آڻي ڇڏيو آهي. جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته، قوم سان وعدو ڪيو هو ته شهباز شريف کي گهر ڀيڙو ڪرايو ويندو جيڪو گهر ڀيڙو ٿي ويو، هاڻي شاهد خاقان عباسي ۽ شهباز شريف جو جو وارو آهي. عمران خان اعلان ڪيو ته شهباز ۽ خاقان عباسي کانپوءِ آصف زرداري تنهنجي پويا ايندس ۽ پوءِ مولانا فضل الرحمان کي به نه ڇڏينداسين.

اسلام آباد جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته جي آءِ  ٽي جي ميمبرن سخت دٻاءَ ۽ ن ليگ وارن جي سري عام ڌمڪين جي باوجود ايمانداري، همٿ ۽ حوصلي سان ڪم ڪيو ۽ رپورٽ تيار ڪئي. سپريم ڪورٽ جي آءِ  ٽي جي رپورٽ تي جيڪو فيصلو ڏنو آهي اُهو ملڪي تاريخ جو شاندار ترين فيصلو آهي. عدالتي فيصلي سان نئين پاڪستان جو بنياد پئجي ويو آهي، جنهن کي هاڻي اسان مظبوط ڪنداسين.

PTI-Jalsa islamabad 07

جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته، جيڪڏهن منهنجي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس جو فيصلو سندس خلاف اچي يا ان ڪيس ۾ پيش ڪيل ڪو به دستاويز ڪوڙو ثابت ٿيو ته عمران خان ڪنهن جي به چوڻ کانسواءِ پارٽي جي قيادت ڇڏي ڏيندو. اسان خانداني سياست ۾ يقين نه ٿا رکون پر خانداني سياست جو خاتمو آڻي ميرٽ ۽ برابري واري انصاف جو نظام آڻينداسين، ملڪ ۾ ڪو به غريب نه رهندو. پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بڻائينداسين. عمران خان جو چوڻ هو ته افسوس آهي ته ملڪ جا حڪمران لشڪر ساڻ ڪري پرڏيهي دورا ڪري عياشيون ڪن ٿا، غير ملڪي دورن تي اربين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا پر ملڪ اندر اڍائي ڪروڙ ٻار تعليم پرائڻ کان لاچار بڻيل آهن ۽ عوام کي پيئڻ جو صاف ڇپاڻي به مهيا نه ٿو ڪيو وڃي. پي ٽي سربراهه چيو ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته غريب ملڪ ۾ اسان وڏن هائوسز ۾ رهون، لاهور جي گورنر هائوس جون ديوارون ڪرنديون، اتي پارڪ ٺاهيو ويندو، ڪي پي ڪي جي گورنر هائوس کي عورتن جي لاءِ پارڪ بڻايو ويندو.

PTI-Jalsa islamabad 01PTI-Jalsa islamabad 06

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته حديبيه پيپر ملز معاملو کليو ته قوم پاناما کي وساري ڇڏيندي، نواز ۽ شهباز اولاد سميت جيل ويندا.هن چيو ته فضل الرحمان اسلام کي نقصان پهچايو آهي، هن اسلام بدران اقتدار کي ترجيح ڏني آهي. عمران خان مستقبل جو ليڊر آهي. شڪر آهي جو ملڪ جا ادارا فوج ۽ عدليا عظيم آهن. جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن تاريخ جو خوبصورت ڏينهن آهي، شهباز شريف کي حديبيه پيپر ملز جو حساب ڏيڻو پوندو، ماڊل ٽائون ۾ قتل عام جو حساب ڏيڻو پوندو، هنن چيو ته سپريم ڪورٽ شريف خاندان جا سمورا ڪيس کولي ڇڏيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *