Thursday , April 25 2024

نوازرشريف ۽ زرداري وچ ۾ نئين ڊيل ٿي آهي:عمران خان

imran-nawaz-zardari 1

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چوڌري نثار 2016 ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ڊيل جو ذڪر ڪيو، ايان علي ڇٽي وئي، زرداري به واپس اچي ويو، شرجيل ميمڻ تي 5 ارب جي ڪرپشن هئي، اهو به واپس اچي ويو، ايان علي تي 5 ڪروڙ رپيا مني لانڊرنگ جو الزام هو، عمران خان چيو ته نواز شريف کي سنڌ ياد اچي ويو، منصوبي تي منصوبي جو اعلان ڪري رهيو آهي، نورا ڪشتي ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته نواز شريف پاناما ڪيس تي ڊڄ کان آصف زرداري سان ڊيل ڪئي آهي، منصوبن لاءِ پسئا ڪٿان ايندا، ڪجهه خبر ناهي، اڄ اهو ئي ٿيو، جڏهن ماضي ۾ نواز ليگ پيپلز پارٽي جي دور ۾ خاموش ويٺي رهي، جمهوريت بچائڻ لاءِ زرداري ۽ نواز گڏ ٿي ويا، زرداري بيان ۾ چيو آر او اليڪشن سبب نواز ليگ کٽي، عمران خان چيو ته جڏهن مون چيو ته ان وقت ٻئي جمهوريت بچائي رهيا هئا، اهو سڀ ڊرامو ٿي رهيو آهي، نواز شريف کي به جڏهن مسئلو ايندو آهي، ٻئي گڏ ٿي ويندا آهن، آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻنهي تي مني لانڊرنگ جا الزام آهن.

nawaz & zardari

نواز ۽ زرداري نوراڪشتي ڪندا آهن، هڪ ٻئي کي نقصان نه ٿيڻ ڏيندا، جيستائين وزيراعظم ڪرپٽ رهندو ادارا ٺيڪ ٿيڻ نه ڏيندو، پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته زرداري ڪيئن چيو ته نيب جي مجال آهي جو انهن کي هٿ لڳائي، قوم پاناما ڪيس جي فيصلي جو انتظار ڪري ٿڪجي پئي آهي، دعا ٿا ڪريون ته جلدي پاناما ڪيس جو فيصلو اچي، آصف زرداري ۽ نواز شريف ملي چيئرمين نيب لڳايو، آصف زرداري ۽ نواز شريف جا مفاد ساڳيا آهن، ڊيل تحت شرجيل ميمڻ واپس پاڪستان آيو، عمران خان چيو ته ڊيل تحت ڊاڪٽر عاصم حسين کي آزاد ڪيو پيو وڃي، ڊيل تحت ايال علي کي پرڏيهه وڃڻ ڏنو ويو، ن ليگ به پيپلز پارٽي جي دور ۾ چار سالن تائين خاموش ويٺي رهي، جڏهن مون چيو هو ته ڌانڌلي ٿي تڏهن ته هي انهن سان گڏ بيٺا هئا، انهن ٻنهي جا مفاد هڪ آهن، نيب چيئرمين ڪيئن آصف زرداري ۽ نواز شريف کي پڪڙي سگهي ٿو، ڪرپٽ وزيراعظم ڪنهن کي پڪڙيندو ناهي، ڊيل ڪندو آهي ۽ اڄ به ڊيل ٿي، چوڌري نثار 12 سيپٽمبر 2016 جي پريس ڪانفرنس ۾ ان ڊيل جو ذڪر ڪيو هو، نواز شريف ۽ آصف زرداري گڏجي نيب چيئرمين مقرر ڪيو، واضح ٿي ويو ته ڪرپٽ وزيراعظم سمورن ادارن کي ڪرپٽ ڪندو آهي، جيڪڏهن حڪومت چاهي ته ايان علي به بچي ويندي ۽ ڊاڪٽر عاصم به، پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته اتحاد ان جماعت سان ٿي سگهي ٿو، جنهن جو منشور ملندو هجي، عدالت جو فيصلو پروسيڪيوشن تي ڀاڙيندو آهي، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي اها ڊيل نه ٿا چاهين، پنجاب ۾ پيپلز پارٽي نه ٿي چاهي ته زرداري واپس اچي، خبر ناهي ڊاڪٽر عاصم جي معاملي تي حڪومت ڪيئن ڊيل ڪري ورتي، اسلام آباد جي پارڪن ۾ قبضن کي ڪوئي نٿو روڪي، عمران خان چيو ته پيپلز پارٽي تي تنقيد جو پروگرام نه هيو ڇو ته نواز شريف سان پاناما جو مقابلو ٿي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *