Friday , March 29 2024

نه کپي نه کپي مروت نه کپي….!! آصفه ڀٽو زرداري

1111 Zardari11

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي پارليامينيٽرنز جي چيئرمين آصف علي زدراري پاران سنڌ جي وڏيرن کي پ پ ۾ شامل ڪرڻ وارو عمل عرفان الله مروت جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ بعد اهڙن ماڻهن جي شموليت خطري ۾ پئجي وئي آهي.

 آصفه ۽ بختاور ڀٽو زرداري پاران عرفان الله مروت جي پ پ ۾ شامل انتهائي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو ويو آهي.

آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته ”عرفان مروت جهڙي ڪريل ذهنيت جي ماڻهن کي پ پ ۾ نه پر جيل ۾ هجڻ گهرجي“.

آصفه جو چوڻ آهي ته وينا شوڪت حيات جو واقعو ڪنهن کان به ناهي وسريو، پيپلز پارٽي عورتن جي عزت ۽ سندن تحفظ ڪندڙ پارٽي آهي، ان ۾ مروت جهڙن ماڻهن جي گنجائش نه آهي.

عرفان مروت جي باري آصفه جي اهڙي ٽوئيٽ بيان بعد پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي ماٺ جو قلف لڳي ويو آهي، ايتريقدر جو پ پ جي مرڪزي ترجمان سينيٽر فرحت الله بابر هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ، ان موضوع تي ڳالهائڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو،.

عرفان الله مروت جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ بابت ڪراچي جي صحافين جو چوڻ آهي ته، آصفه جو بيان پ پ جي ڪجهه جذباتي ڪارڪنن جي ڪاوڙ ٿڌي ڪرڻ لاءِ پاڻي جي ڇنڊي برابر آهي، اها ڪاوڙ وقت گذرڻ بعد ختم ٿي ويندي.

Marwat1Asif Zardari

ياد رهي ته جمعي واري ڏينهن  ، اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارليامينٽيرينز جي چيئريمن آصف زرداري پاران جيالن کي خوشخبريون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. آصف زرداري پنهنجي دانش جو استعمال ڪندي اڳوڻي صدر اسحاق خان جو نياڻون، وينا حيات ڪيس جو مک ڪردار ۽ پرويز مشرف جي ساٿي عرفان الله مروت کي به جيالو بڻائي ڇڏيو آهي.
نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي عرفان الله مروت بلاول هائوس ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر آصف زرادري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
نبيل گبول ۽ نادر اڪمل لغاري کانپوءِ نواز ليگ اڳواڻ عرفان الله مروت بلال هائوس ڪراچي ۾ آصف زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
آصف زرداري سان ملاقات کان اڳ عرفان الله مروت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو شينهن مان بيزار ٿي چڪو آهي.
2 ڏينهن اڳ اڳوڻي ايم اين اي نبيل گبول ۽ گذريل ڏينهن اڳوڻي صوبائي وزير نادر اڪمل لغاري آصف زرادري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *