Thursday , March 28 2024

نهال هاشمي ڌمڪيون ڪيس: سپريم ڪورٽ جي رمارڪس کي وفاقي حڪومت افسوسناڪ قرار ڏئي ڇڏيو – حڪومتي بيان جي ڪير به تصديق ڪرڻ کان به قاصر

statement02statement01

نواز ليگ جي وفاقي حڪومت ۽ عدليا هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. نهال هاشمي جي گڏيل جاچ ٽيم کي ڌمڪيون ڏيڻ واري بيان جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ جي ميمبر جسٽس اعجازالاحسن جي رمارڪس تي ناوز ليگ جي وفاقي سرڪار پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي. هڪ سادي پيپر تي ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ سپريم ڪورٽ جي رمارڪس تي افسوس جي اظهار وري بيان جي اڃا تائين ڪنهن به حڪومتي ڌر جي ميمبر / ترجمان اهو چئي تصديق ناهي ڪئي ته اهڙو بيان ڪنهن جاري ڪيو آهي.

وفاقي حڪومت جي ترجمان جي حوالي سان ميڊيا تي سامهون آيل بيان ۾، وفاقي حڪومت نهال هاشمي جي توهين عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي هڪ جج جي رمارڪس تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انهن رمارڪس کي اعليٰ عدليا جي روايتن ۽ سپريم ڪورٽ جي ضابطا اخلاق جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو آهي، حڪومتي ترجمان چيو آهي ته ٻڌڻي دوران معزز جج حڪومت تي بي بنياد الزام لڳايا، معزز جج پاران حڪومت کي مافيا ۽ اٽارني جنرل کي ان جو نمائندو قرار ڏيڻ انتهائي افسوسناڪ آهي، ان سان دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ ۽ وقار کي گهرو ڌچڪو پهتو آهي، اهڙا بي بنياد رمارڪس جج صاحبن جي حلف ۽ ضابطا اخلاق خلاف آهن،  ترجمان جي بنا نالي جي وفاقي حڪومت جي ترجمان نالي جاري بيان ۾ اهڙو اظهار ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ حڪومتي ترجمان سپريم ڪورٽ ۾ نهال هاشمي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڪ معزز جي مبينا رمارڪس تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته انهن کي اعليٰ عدليا جي روايتن ۽ خود سپريم ڪورٽ جي ضابطا اخلاق جي ابتڙ قرار ڏنو آهي، حڪومتي ترجمان چيو آهي ته معزز جج پاران ٻڌڻي دوران ٻڌڻي مامري جي مڪمل آگاهي کانسواءِ حڪومت تي نه صرف بي بنياد الزام لڳايا پر وزيراعظم پاران نهال هاشمي خلاف کنيل قدمن کي به نظرانداز ڪندي ان کي رڳو سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي ۽ توهين عدالت جي نوٽيس جو ردعمل قرار ڏنو آهي، حقيقتون نه رڳو ان جي ابتڙ آهن پر پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو رڪارڊ ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿو ته حڪومت نهال هاشمي جا رمارڪس سامهون ايندي ئي نه رڳو هاشمي تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پر فوري طور تي ان جي بيان کي ذاتي راءِ  ۽ سوچ  قرار ڏنو، اهو به رڪارڊ جو حصو آهي ته اهي نهال هاشمي جا رمارڪس پهريون ڀيرو 31 مئي 2017ع تي جج جو 10 لڳي 50 منٽن تي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي رپورٽ ٿيا، جنهن جي فورن بعد سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پاران واضح اعلان ڪيو ويو ته اهو بيان نهال هاشمي جو ذاتي خيال آهن، ان جو مسلم ليگ (ن) يا حڪومت پاڪستان سان ڪو تعلق نه آهي، اها ڳالهه به رڪارڊ جو حصو آهي ته وزيراعظم صبح کان ئي قومي سلامتي بابت ادارن ۽ ان جي سربراهن سان ملاقات ۽ قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو،  جيڪو اجلاس ساڍا 3 وڳي منجهند ختم ٿيو، اجلاس جي خاتمي تي اهو مامرو جيئن وزيراعظم جي علم ۾ آندو ويو ته وزيراعظم فوري طور نهال هاشمي جي پارٽي رڪنيت معطل ڪندي ان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، نهال هاشمي کي ان وقت وزيراعظم هائوس ۾ طلب ڪيو ويو ۽ ڪو مناسب جواب  نه ملڻ تي نهال هاشمي کي فوري طور تي سينيٽ جي رڪنيت تان استعيفا ڏيڻ جي به هدايت ڪئي وئي، اها ڳالهه به رڪارڊ جو حصو آهي ته نهال هاشمي 5 لڳي 30 منٽن تي سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ذاتي طور تي پيش ٿيو ۽ سيڪريٽري سينيٽ کي پنهنجي تحريري استعيفا جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن جو باقائده اطلاع سينيٽ سيڪريٽريٽ فون ذريعي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني کي به ڏنو، جڏهن ته  سپريم ڪورٽ ان مامري جو نوٽيس 6 وڳي ورتو، جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته ٻڌڻي دوران هڪ معزز ججز پاران حڪومت کي مافيا ۽ اٽارني جنرل پاڪستان کي ان جو نمائندو قرار ڏيڻ انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن سان دنيا سڄي ۾ هڪ ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان جي سڃاڻپ ۽ وقار کي گهرو ڌچڪو پهتو آهي، ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته اهڙن بي بنياد رمارڪسن  خود جج صاحبن جي حلف ۽ ضابطا اخلاق جي خلاف آهن

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *