Friday , April 19 2024

نثار کهڙو ۽ ندا کهڙو ووٽرز کي پولنگ تائين پهچائيندڙ رڪشائن وارن کي ڪرايو نه ڏنو

لاڙڪاڻو( رپورٽر سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي ۾ رڪشا يونين جي صدر پاران پ پ جي هارايل اميدوار ندا کهڙو تي چونڊ مهم دوران استعمال ڪيل رڪشن جو ڀاڙو نه ڏيڻ جا الزام مڙهيندي چيو آهي ته، نثار کهڙو ۽ سندس ڌيءَ ندا کهڙو پولنگ ڏهاڙي ووٽرز کي گهرن کان پولنگ اسٽيشنز ۽ واپس سندن گهرن تائين پهچائڻ لاءِ مزدوري ڪرائي ۽ هاڻي ڪرايو گهرڻ تي پ پ جا جيالا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، نثار کهڙُ ۽ ندا کهڙُ ته ملڻ لاءِ به تيار ناهن، پريس ڪلب ۾ رڪشا يونين جي صدر گلزار گوپانگ ۽ پ پ ليبر ونگ جي صدر جاويد منگي ۾ ڏند چڪ، رڪشا يونين جي صدر جو چوڻ آهي ته پئسا گهرڻ تي مون کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

پريس ڪلب لاڙڪاڻي ۾ رڪشا يونين جي صدر گلزار گوپانگ ۽ پ پ ليبر ونگ جي صدر جاويد منگي وچ ۾ ڏند چڪ ٿي پيا. رڪشا يونين لاڙڪاڻي جي صدر گلزار گوپانگ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ جي هارايل اميدوار ندا کهڙو تي چونڊ مهم دوران استعمال ڪيل رڪشن جو ڀاڙو نه ڏيڻ جا الزام هنيا. هنن چيو ته اليڪشن دوران پي ايس 11 تي پ پ اميدوار ندا کهڙو پاران چونڊ مهم لاءِ 860 رڪشا ڀاڙي تي حاصل ڪيا ويا هئا. هن چيو ته ندا کهڙو ۽ رڪشا يونين وچ ۾پ پ جو ضلعي صدر عبدالفتاح ڀٽو هو، جنهن ڀاڙو ڏيارڻ جي ذميواري کنئي هئي. هن چيو ته ندا کهڙو رهيل ڀاڙو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن جي دانهن کڻي هو پ پ جي ضلعي صدر عبد الفتاح ڀٽو وٽ ويا ته هن کين يرغمال بڻائي تشدد ڪيو. يونين اڳواڻن چيو ته رڪشا ڊرائيورن کي پئسا ادا نه ڪيا ويا ته سڀاڻي احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *