Thursday , March 28 2024

نثار کهڙو ٽين شادي، ڌيءُ ۽ زمين لڪائي، نامزدگي فارمز رد،ڪجهه ناهي لڪايو:نثار کهڙو

سکر( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اليڪشن ٽربيونل پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو جو نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيو آهي، پي ايس 11 لاڙڪاڻو تي پ پ اميدوار نثار کهڙي جا نامزدگي فارم ٽئين شادي جو ذڪر نه ڪرڻ ۽ 166 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر نه ڪرڻ تي رد ڪيا. اليڪشن اپيلٽ ٽربيونل سکر ۾ پي ايس 11 لاڙڪاڻو تي پ پ اميدوار نثار کهڙي جي نامزدگي فارمز تي داخل ڪرايل اعتراضن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران اعتراض داخل ڪرائيندڙ معظم عباسي جي وڪيل قربان ملاڻو موقف اختيار ڪيو ته نثار کهڙي پنهنجي نامزدگي فارم ۾ ٽئين گهرواري تانيا، ڌيءُ قسمت نثار ۽ 116 ايڪڙ زرعي زمين جو ذڪر ناهي ڪيو.

نثار کهڙو خلاف درخواست داخل ڪرائيندڙ معظم عباسي

نثار کهڙي پنهنجي جواب ۾ چيو ته هو ٽئين گهرواري تانيا کي طلاق ڏئي چڪو آهي، جنهن ڪري نامزدگي ڪاغذن ۾ ان جو ذڪر نه ڪيو، ڏهن ته 10 سالن جي ڌيءُ قسمت نثار پنهنجي ماءُ سان گڏ رهي ٿي، ان ڪري ان بابت به ذڪر ڪرڻ ضروري نه سمجهيو. نثار کهڙي چيو ته هن 116 ايڪڙ زرعي زمين روشن گاد نالي هڪ شخص کي وڪرو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ايگريمينٽ جي ڪاپي پڻ پيش ڪئي آهي، جنهن تي اعتراض ڪندڙ جي وڪيل چيو ته اڄوڪي تاريخ تائين 166 ايڪڙ زمين نثار کهڙي جي نالي تي ئي موجود آهي. ٻڌڻي دوران نثار کهڙي پاران جوڳو جواب نه ڏيڻ ۽ قابل قبول ثبوت پيش نه ڪرڻ تي اليڪشن اپيلٽ ٽربيونل سندس نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *