Friday , April 19 2024

نبي پاڪ جي ناموس تي اسان به جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيس) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته، نبي پاڪ جي ناموس تي اسان به جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، سپريم ڪورٽ جا ڪيترائي جج درود شريف پڙهندا رهندا آهن، جنهن تي ڪيس ئي نه ٺهي ان کي سزا ڪيئن ڏيون: چيف جسٽس جا اسلام آباد جَي آءِ جِي جِيِ بدلي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي، ته ايمان ڪنهن جو به گهٽ ناهي، ڪير به رسول پاڪ جي توهين برداشت نه ڪندو، ڪيس جو فيصلو به ان ڪري ئي اردو ۾ جاري ڪيو ويو ته جيئن قوم پڙهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آسيا بي بي ڪيس جو فيصلو ڪندڙ بينچ جا ججز به عاشقِ رسول صه آهن، فيصلو اردو ۾ ان ڪري ئي جاري ڪيو ويو ته جيئن قوم پڙهي، جنهن تي ڪيس ئي نه ٺهي ان کي ڪيئن سزا ڏيون؟. سپريم ڪورٽ ۾  چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اٽارني جنرل خالد جاويد طرفان نئين آءِ جي جي مقرري بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اٽارني جنرل عدالت کي استدعا ڪئي ته امن امان جي صورتحال سبب اسلام آباد ۾ ڪنهن ٻئي کي آءِ جي مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان چاهيو ٿا ته نئين آئي جي جي مقرري جي اوهان کي اجازت ڏيون، انهي جو مطلب اسان پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪريون.

چيف جسٽس چيو ته نئين آءِ جي بدران اوهان ڪنهن کي ايڊيشنل چارج ڏئي ڇڏيو، جيڪڏهن اسان اهو حڪم نه ڏنو هجي ها ته تڏهن به اوهان ڪنهن کي ته مقرر ڪيو ها. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته رياست امن امان لاءِ پنهنجيون ذميواريون پوري ڪري، جيئن گذريل ڏينهن وزيراعظم به چيو هو، جيڪڏهن ڪنهن خلاف ڪو ڪيس ٺهي ئي نه ته پوءِ سزا ڪئين ڏني وڃي. چيف جسٽس چيو ته آسيا بي بي ڪيس جو فيصلو ڪندڙ بينچ جا ججز به عاشقِ رسول صه آهن. چيف جسٽس چيو ته ناموس رسالت تي جان به قربان آهي، اسان پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون، رسول پاڪ جي توهين ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه آهي، جج به درود پڙهندا رهندا آهن، پيغمبر تي ايمان بنا دين مڪمل ناهي. چيف جسٽس چيو ته ماڻهن کي اسان جو فيصلو پڙهڻ گھرجي، ڪنهن جي خلاف جيڪڏهن ثبوت ناهي ته اسان سزا ڪئين ڏيون؟چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايمان ڪنهن جو به گهٽ نه آهي، اسان رڳو مسلمانن جا قاضي نه آهيون، سڄي پاڪستان جا قاضي آهيون. چيف جسٽس آسيا بي بي جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته فيصلو ڪلمي کان شروع ٿيو، جنهن ۾ دين جو سڄو ذڪر ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته فيصلو اردو ۾ ان ڪري ئي جاري ڪيو ويو ته جيئن قوم پڙهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *