Thursday , March 28 2024

ناميارو دانشور ۽ ڏاهو جاويد ڀٽو واشنگٽن ۾ قتل،سڄاڻ ڌرين ۾ ڏک جي لهر

واشنگٽن ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ جي سياست، صحافت ۽ تعليمي شعبن ۾ پاڻ مڃائيندڙ، دانشور، فلسفي ۽ سنڌ جو درد رکندڙ جاويد ڀٽو آمريڪي راڄڌاني واري شهر واشنگٽن ۾ مارجي ويو آهي، شروعاتي اطلاعن مطابق جاويد ڀٽو کي آفيس کان واپسي تي سندس رهائش واري اپارٽمينٽ جي پارڪنگ ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.  جاويد ڀٽو گذريل ڪيترن سالن کان آمريڪا جي گادي واري هنڌ واشنگٽن ۾ رهندو هو. واشنگٽن ۾ رهندڙ سنڌين ۽ سندس دوستن پاران سماجي رابطن تي ويب سائيٽس تي شيئر ڪيل ڄاڻ مطابق، جاويد ڀٽو کي گذريل رات سندس هڪ پاڙيسري ان وقت سڌا فائر ڪري قتل ڪيو، جڏهن هُو آفيس کان واپس گهر اچي رهيو هو ۽ پنهنجي رهائش واري اپارٽمينٽ جي پارڪنگ ۾ گاڏي پارڪ ڪرڻ بعد گهر طرف وڃي رهيو هو، ته ان ئي اپارٽمينٽ ۾ رهندڙڏپوهاري ۽ مختلف ڪيسن ۾ جيل ڪاٽيندڙ ڪاري شيدي کيس سڌي فائرنگ جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ جاويد ڀٽو ٿڏي تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيل معلومات مطابق جاويد ڀٽو کي قتل ڪندڙ جوابدار ان ئي عمارت جي جي گرائونڊ فلوتي رهندو هو ۽ جاويد ڀٽو پهرين ماڙ تي رهندو هو. جوابدار گذريل ڪجهه ڏينهن کان شراب ۽ ڊرگ واپرائي رڙيون ڪري پاڙي وارن کي تنگ ڪندو هو. جنهن تي جاويد ڀٽو اپارٽمينٽ جي مالڪ کي شڪايتون ڪيون هيون. واشنگٽن پوليس جاويد ڀٽو جي گھر واري نفيسا هود ٻائي کي ساڳئي گهر ۾ رهڻ کان منع ڪندي کيس خبردار ڪيو آهي ته هن گھر ۾ سندس زندگي کي خطرو آهي مقامي دوستن نفيسا هود ٻائي کي محفوظ جاءِ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *