Friday , March 29 2024

ناري واسڻ بيواهه  عورت جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيا

ناري واسڻ بيواهه  عورت جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيا

چونڊڪو(رپورٽر سنڌسماءِچار) ڳوٺ پيربخش ڳاهو ۾ قتل ڪيل بيواهه عورت جي قتل ۾ ملوث جوابدار 2 هفتا گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿيا، وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. عورت جي وارثن طالب ڳاهو ۽ گُلو ڳاهو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس جي لاپرواهي خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته، عورت جي قتل کي ٻن هفتن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي. هنن چيو ته، قتل واري واقعي جو ڪيس سوراهه ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جوابدار امير بخش ڳاهو، خان ڳاهو، الله ڏنو ڳاهو نامزد ٿيل آهن، ان باوجود به پوليس کين گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري. هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري لاپرواهي ڪندڙ سوراهه ٿاڻي جي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *