Thursday , April 25 2024

ناري تعلقي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين پ پ ۽ ف ليگ اڳواڻن کي الاٽ ٿيل، 13 هزار ايڪڙ ٻيلا تباهه

ڪراچي ( رپورٽ:اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي ۾ 13 هزار ايڪڙن تي مشتمل ٻيلي کاتي جي زمين تي رارهاڙو، گدي، ٽپڻو، ٻيلاٽي، ڀوڳ، کهڙا، گمبٽ، چوٽي، کينهواري سميت 30 ٻيلا ماضي جي تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن، صرف سوا سئو ايڪڙن بچيل ٻيلي تي به بااثرن جون اکيون کتل، ناري تعلقي ۾ پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي مک اڳواڻن پنهنجي فرنٽ مينز معرفت ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن، ڪجهه زمينون مختلف مدتن لاءِ ليز تي کڻي باقي انهن جي آسپاس تي قبضا ڪيا ويا آهن، خادم آرادين، مريد وساڻ، امتياز ملاح ۽ غيبي خان چانڊيو سڀ کان وڌيڪ ٻيلي کاتي جون زمينون ليز تي کڻندڙن ۾ شامل آهن. ٻيلا تباهه ٿيڻ جيڪري ماحولياتي تباهي جو ڪارڻ بڻجڻ لڳي، جهنگلي جيوت جي به نسل ڪشي به ٿي رهي آهي. سنڌ سماءَچار پاران گڏ ڪيل تفصيلن مطابق، خيرپور ضلعي جي پاڪ-ڀارت سرحدي پٽي واري ناري تعلقي ۾ موجود 13 هزار ايڪڙن تي مشتمل ٻيلي کاتي جي زمين جنهن تي 13 وڏا ٻيلا قائم هوندا هئا، اهي هاڻي تاريخ جو بڻجي ويا آهن. ٻيلن جي تباهي ۾ خيرپور ضلعي جون بااثر شخصيتون برابر جون ڀائيوار بڻيل آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي، فنڪشنل ليگ سميت تَرَ جي ٻين ماڻهن جن جا سياسي لڳ لاڳاپا ٻنهي وڏين سياسي پارٽين سان آهن انهن وت ۽ وس آهر ٻيلي کاتي جون زمينو مختلف طريقن سان پنهنجي قبضي ۾ رکي ڇڏيون آهن.

ٻيلي کاتي جي ذريعن کان سنڌسماءَچار کي مليل انگن اکرن مطابق، ٻيلي کاتي جي 13 هزار ايڪڙ زمين جا کاتا تبديل ڪري يا وري سڌيون ليز تي ورتيون ويون آهن، اهي زمينو ليز تي ورتل زمين کان وري ٻيڻ تي والاريون ويون آهن. مليل معلومات مطابق ناري تعلقي ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻيلي کاتي جي زمين فنڪشنل ليگ جي مقامي اڳواڻ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير صدرالدين شاهه جي انتهائي بااعتماد شخص خادم آرادين وٽ آهي. ٻيلي کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ف ليگ اڳواڻ خادم آرادين وٽ لکت / ليز تي ورتل ٻيلي کاتي جي 8 هزار ايڪڙ زمين هن وقت به موجود آهي، جيڪا 99 سالن جي ليز تي ورتي وئي آهي، جنهن جو اڻسڌو مطلب اهو ئي وڃي بيهي ٿو ته اها زمين دائمي خادم آرادن جي نالي تي رهندي. مقامي ذريعن جو چوڻ آهي ته، خادم آرادين وٽ جيڪا 8 هزار ايڪڙ زمين آهي، ان زمين جي وڏي حصي تي ٻيلا موجود هوندا هئا، جيڪي هاڻي ختم ٿي ويا آهن.

( ان زمين جي بابت ذريعا ڪجهه ٻيو به ٻڌائين ٿا پر اسان وٽ ان جو اڃا تائين ڪو ٺوس ثبوت ناهي- سنڌسماءَچار سٿ)

منظور وساڻ جو مائٽ مريد وساڻ وٽ ٻيلي کاتي جي7900 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين جو مالڪ بڻيل

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ منظور حسين وساڻ جي ويجهي مائٽ مريد حسين وساڻ وٽ ٻيلي کاتي جي 7900 هزار ايڪڙ زمين موجود آهي، ٻيلي کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، مريد وساڻ وٽ کاتي کان ليز تي ورتل زمين کانسواءِ به سرڪاري زمين آهي، هن ليز تي ورتل زمين جا شرط به پورا ناهن ڪيا. نارتتري تعلقي جي روينيو، مائينز منرلز کاتي جي زمينن کانسواءِ صرف ٻيلي کاتي جي 9 هزار 7 سئو ايڪڙن کان وڌيڪ جي زمين آهي، جيڪا کيس ليز تي ڏني وئي آهي. ٻيلي کاتي  ۽ فاريسٽري جي ذريعن کي سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ مطابق ٻيلي کاتي جي زمين ليز تي کڻندڙ مريد وساڻ سميت ڪير به کاتي پاران جوڙيل ضابطن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مريد وساڻ ۽ سندس ئي مائٽن جي نالي تي ليز ڪيل زمين تي وڻن جي پوکي ڪئي نه ٿي وڃي، جيڪي وڻ زمين جي  کڻت کان اڳ ۾ موجود هئا اُهي ڪپي ڇڏيا آهن. ليز تي ورتل زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي ڪيئن حاصل ڪيو وڃي ٿو، واري سوال جي جاوب ۾ ٻ يلي کاتي جي ذريعن ٻڌايو ته، ان زمين تي پوکي راهي ڪرڻ لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ استعمال ڪيو ويندڙ پاڻي غير قانوني طريقي سان حاصل ڪيو وڃي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *