Saturday , April 20 2024

نارووال ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال هٿياربند جي حملي زخمي، جوابدار گرفتار

نارووال (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) نارووال جي ڪنجروڙ واري علائقي ۾ وفاقي گهرو وزير انتهاپسند هٿياربند جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طوري تي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نارووال ۽ بعد ۾ هيليڪاپٽر ذريعي لاهور جي اسپتال منتقل ڪيو ويو ، جتي ڊاڪٽرن سندس حياتي خطري کان ٻاهر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، احسن اقبال پنهنجي ٽويٽ پيغام ۾ چيو آهي ته سندس طبعيت سڌرندڙ آهي ۽ ڪنهن به دهشتگردي کان ڊچڻ وارو ناهي. پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪندي احسن اقبال تي حملو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پنهنجو خصوصي هيليڪاپٽر اماڻي احسن اقبال کي لاهور منتقل ڪرايو.

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال کي فائرنگ ۾زخمي ٿيڻ بعد ايمبولينس ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال پنهنجي تڪ نارووال جي علائقي ڪنجروڙ ۾ مسيحي برادري پاران ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪري واپس وڃي رهيو هو ته، هٿياربند مٿس فائرنگ ڪري ڏني. جنهن وقت احسن اقبال تي فائرنگ ڪئي وئي ان وقت هُو گاڏيءَ ۾ سوار ٿيڻ وارو ئي هو جو مٿس فائرنگ ڪئي وئي.ڊي پي او نارووال عمران ڪِشِوَر جو چوڻ آهي ته، واقعي واري هنڌ تي موجود ماڻهن وفاقي گهرو وزير تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار سوگهو ڪري ورتو جنهن کي بعد ۾ پوليس حوالي ڪيو ويو. ڊي پي او جو چوڻ آهي ته، جوابدار احسن اقبال تي 15 کان 20 گزن جي فاصلي تان فائرنگ ڪئي ۽ گولي گهرو وزير جي ساڄي ڪُلهي ۾ لڳي. پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان 30 بور جو پسٽل هٿ ڪيو ويو هي. جوابدار جي سڃاڻپ عابد حسين جي نالي سان ٿي آهي ۽ سندس عمر 20 کان 22 سال آهي کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار عابد حسين

ڊي پي او ناررووال عمران ڪشور موجب گهرو وزير مٿان 15 کان 20 گز فاصلي تان گولي هلائي وئي، پوليس بنا دير جوابدار کي پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جنهن سبب کيس ٻي گولي هلائڻ جو موقعو نه ملي سگ هيو. احسن اقبال جي حالت هن وقت خطري کان ٻاهر آهي. هوڏانهن آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي پي او نارووال کان فوري طور رپورٽ گهرندي جوابدار خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ احمد خان جو چوڻ آهي ته احسن اقبال کي اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي، سندس وڌيڪ علاج لاهور ۾ ٿيندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *