Thursday , March 28 2024

نادرا چيئرمين ڌانڌليون ڪرائڻ جون تياريون پيو ڪري: عمران خان

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف الزام هينو آهي ته، ن ليگ عام چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرائڻ جون تياريون ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ نادرا جي چيئرمين نادرا جو چيئرمين عثمان مبين جي ملي ڀڳت سان نادرا جي ڊيٽا حاصل ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته،عثمان مبين نادرا جي ڊيٽا ن لکيگ کي ڏني آهي، جنهن جي مدد سان ن ليگ 25 جولاءِ تي رٿيل عام چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرائڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، عمران خان بابر اعواڻ کي هدايت ڪئي آهي ته، هو پٽيشن تيار ڪري سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي.

پاڪستان تحريڪ انصاف  نادرا چيئرمين  خلاف  اليڪشن ڪميشن وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي . عمران خان  ان باري ۾ پارٽي اڳواڻن کي  هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. پي ٽي آءِ الزام مڙهيو آهي ته نادرا چيئرمين مسلم ليگ نون  کي اليڪشن  کٽڻ ۾ مدد لاءِ ڊيٽا فراهم ڪئي هئي. ان لاءِ ان کي عهدي  تان هٽايو وڃي.  پٽيشن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته نادرا چيئرمين کي ن ليگ مقرر ڪيو هو . ان لاءِ  ان جي موجود گي ۾ شفاف چونڊون نه ٿي سگهنديون. ٻئي طرف بابر اڳواڻ  تصديق ڪندي  چيو ته نادرا چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ  جلد ئي اليڪشن ڪميشن  ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *