Thursday , March 28 2024

نادرا چيئرمين عثمان مبين پاران غيرقانوني پرڏيهين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو عمل شروع

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) نادرا چيئرمين پاران غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ لاءِ هلايل مهم جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون ۽ سڄاڻ ڌريون اڃا تائين معاملي خاموش تماشائي بڻيل آهن. نادرا جي چيئرمين عثمان مبين مارچ مهيني شروع دوران ڊفينس سميت نادرا جي مختلف سينٽرز تي ڇاپا هڻي مختلف آفيسرز کي معطل ڪيو هو. عثمان مبين جو چوڻ هو ته انهن سمورن ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري پاڪستاني شهريت ڏني وڃي جيڪي غيرقانوني طور ترسيل آهن.انهن غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين ۾، افغاني، بنگالي، برمي ۽ ٻيا شامل آهن.

انهن پرڏيهين جن جا مينيوئل (ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊن کان به اڳ وارا سڃاڻپ ڪارڊ) ٺهيل هئا صرف انهن ڪارڊن جي بيناد تي(جيڪي غيرقانوني پرڏيهي رشوت عيوض آساني سان ٺهرائيندا هئا) انهن جي بنياد يا وري سادي دستاويز تي سندس درخواست تي شهريت ڏني ويندي. ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ مطابق، عثمان مبين وفاقي گهرو وزارت جي راضپي سان انهن جي سڃاڻپ ڪارڊن لاءِ بنگالين، برمين ۽ افغانين سميت ٻين غير ملڪي شهرين کي اين آءِ سي ٺاهي ڏيڻ لاءِ قائدن ۽ ضابطن ۾ نرمي به ڪئي وئي آهي، جيڪا صرف انهن تي لاءِ ئي هجي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، اهڙي نرمي پاڪستاني شهرين جي لاءِ استعمال نه ٿئي، مثال طور جيئن ڪنهن ڪرائيدار شخص کي ان شهر يا صوبي ۾ مستقل ايڊريس واري سهولت نه ٿي ڏني وڃي.

سنڌ سماءَ چار کي  مليل ڄاڻ مطابق، غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جن جو 97 سيڪڙو کان وڌيڪ تعداد سنڌ خاص طور تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آباد آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، انهن سمورن ڌارين کي نادرا چيئرمين پاران مليل خاص رعايت ۾، پاڪستان پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو مڪمل سهڪار حاصل آهي.

ڪراچي( قاضي آصف جي ٿورن سان) نادرا لانڍي ۽ ڪورنگي ۾ غيرقانوني پرڏيهين شريت ڏيڻ لاءِ سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ سينئر صحافي قاضي آصف سماجي رابطن واري سائيٽ فيس بڪ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته، ”نادرا پاران  لانڍي ۽ ڪورنگي وارن نادرا سينٽرن وارن علائقن ۾ بنگالين جي اڪثريت رهي ٿي اتي نئين پاليسي اچڻ کان انهن سينٽرن تي بنگالين جي رش تمام گهڻي وڌي وئي آهي. ان ڪري انهن ٻن سينٽرن کان علاوه نادرا انتظامیہ ڪورنگي ۾ ٻه وڌيڪ نادرا جون گاڏيون (موبائيل رجسٽريشن وين) به لڳايون آهن، جيڪي رجسٽريشن جي عمل ۾ سرگرم آهن“.

پنجاهه رپين جي هن دستاويز تي بنگالين، برمين ۽ ٻين پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿين پيا

هي لاڳاپيل خبرون پڙهي سگهو ٿا

نادرا چيئرمين بنگالين ۽ برمين سميت ٻين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي،سڄاڻ ڌريون خاموش

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

بنگالين۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيارڻ جو مامرو- سنڌسماءَچار سميت سنڌي ميڊيا ۽ سنڌ واسين جو رد عمل! پ پ جُهڪي پئي

وفاقي سرڪاربنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلوڪري ڇڏيو،پ پ اڳ ئي اعلان ڪري چڪي آهي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *