Friday , March 29 2024

نئين مالي سال جي بجيٽ پيش، ترقياتي فنڊز ۾ گهٽتائي، دفاعي بجيٽ ۾ واڌ، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ به معمولي واڌ

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) نواز ليگ جي وفاقي حڪومت مالي سال 19-2018 جي بجيٽ پيش ڪندي پبڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ جي فنڊز ۾ گهٽتائين ڪندي، دفاعي شعبي جي بجيٽ ۾ واڌ ڪندي 11 کرب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪا مالي سال 18-2017 جي ڀيٽ ۾ 19 ڏهائي 5 سيڪڙو جي تناسب سان واڌ ڪيل آهي. بجيٽ پيش ڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ناڻي واري وفاقي وزير طور حلف کڻندڙ وزير مفتاح اسماعيل مالي سال 19-2018 جي 18 کرب 90 ارب رپين جو گهاٽي/ خساري واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. بجيٽ ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ جو مجموعي طور تي ڪاٿو 59 کرب 32 ارب لڳايو ويو آهي، بجيٽ جو گهاٽو جي ڊي پي جو 4 ڏهائي 9 سيڪڙو آهي. ن ليگ جي  حڪومت گذريل مالي سال 18-2017 جي بجيٽ ۾ 9 کرب 20 ارب رپيا رکيا هئا جنهن ۾ نئين مالي سال 19-2018 جي بجيٽ ۾ 180 ارب رپين جو واڌارو ڪيو ويو آهي.

     ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ پيش ڪندي

تفصيلي رپورٽ موجب مخالف ڌر جي سخت مخالفت ۽ احتجاج باوجود وفاقي حڪومت مالي سال 19-2018 جي 18 کرب 90 ارب رپين جو خساري واري 56 کرب رپين کان وڌيڪ ماليت جي وفاقي  بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، بجيٽ ۾ سول ۽ فوجي ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، هائوس رينٽ ۽ الائونسز ۾ به 50 سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ پينشن 10 هزار رپيا مقرر، فيملي پينشن ساڍا 4 هزار مان وڌائي ساڍا 7 هزار رپيا ڪرڻ جو فيصلو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ هڪ کرب 13 ارب رپيا رکيا ويا، هر خاندان جو ماهوار وظيفو 3 هزار مان وڌائي 4 هزار 834 رپيا ڪيو ويو، مفتاح اسماعيل نئين مالي سال لاءِ 56 کرب رپين کان وڌيڪ ماليت واري وفاقي  بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.

وفاقي سرڪار پاران نئين مالي سال جي پيش ڪيل بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 20 کرب 43 ارب رپيا رکيا ويا، ترقياتي بجيٽ ۾ وفاق لاءِ 10 کرب 30 ارب رپيا ۽ صوبن لاءِ 10 کرب 13 ارب رپيا جڏهن ته دفاع لاءِ 11 سئو ارب رپيا رکيا ويا آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪندي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته بجيٽ کانسواءِ حڪومت هڪ ڏينهن به نٿي  هلي سگهي. هن چيو ته بجيٽ عوام جي مفادن وٽان آهي، حڪومت کي تباهه ٿيل معيشت ملي هئي ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري گهٽ هئي  نواز شريف جي قيادت ۾ هنن چيلنجز کي منهن ڏنو ۽ ڏکيا فيصلا ڪيا. وفاقي وزير بجيٽ پيش ڪندي چيو ته ايندڙ مالي سال جي ترقياتي منصوبن لاءِ 20 کرب 43 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ترقياتي بجيٽ ۾ وفاق لاءِ 10 کرب 30 ارب ۽ صوبن لاءِ 10 کرب 13 ارب رپيا مقرر ڪيا ويا آهن.

ناڻي واري وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو ته، ايف بي آر ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس جي مد ۾ 4 هزار 435 ارب رپيا وصولي هدف رکيو آهي. ملڪ جي دفاعي بجيٽ ۾ 180 ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافو ڪيو ويو آهي، ان جي مد ۾ 11 سئو ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. مالي سال 2018 ۽ 19 ۾ پاڪستان ريلوي جي ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 40 ارب رپيا مقرر ڪيا ويا آهن جن ۾ 29 جاري منصوبن لاءِ 27 ارب 75 ڪروڙ 39 لک رپيا جڏهن ته 10 نين اسڪيمن لاءِ 12 ارب 24 ڪروڙ 60 لک رپيا رکيا ويا آهن.

مفتاح اسماعيل بجيٽ پيش ڪندي چيو ته، صحت کاتي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 30 ارب 73 ڪروڙ 44 لک 98 هزار رپيا مقرر ڪيا ويا آهن جن مان 20 جاري منصوبن لاءِ 12 ارب 43 ڪروٽ 89 لک 88 هزار ۽ نين مصوبن لاءِ 18 ارب 29 ڪروڙ 55 لک 10 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بجيٽ ڪينسر جي سمورين دوائن تان ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم جي مد ۾ 7 ارب رپين جو اضافو ڪرڻ بعد 97 ارب 42 ڪرور رپيا رکيا ويا. بجيٽ دوران تعليم ۽ فني تربيب جي ترقياتي خرچ لءِ 4 ارب 33 ڪروڙ رپيا رکيا ويا. مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته نئين مالي سال لاءِ بينظير انڪم سپورٽ فنڊ پروگرام جي مد ۾ 124 ارب رپيا رکيا ويا آهن، في گهر جو معاوضو 3 هزار مان وڌائي 4 هزار 834 رپيا ڪيو ويو جڏهن ته وزيراعظم جي مختلف اسڪيمن لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا. نئين مالي سال لاءِ گهرو وزارت جي مجموعي طور 59 جاري منصوبن ۽ 71 نون منصوبن لاءِ 24 ارب 20 ڪروڙ 70 لک رپيا ترقياتي بجيٽ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترقياتي بجيٽ ۾ پهرين کان جاري ۽ نون منصوبن لاءِ مجموعي طور هڪ ارب 50 ڪروڙ رپيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *