Tuesday , April 23 2024

نئين آءِ جي بعد سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي اٿل پتل جون تياريون

نئين آءِ جي مشتاق مهر پاران 100ماڻهن جي مبينا قاتل پاران پوليس تحويل ۾ وڏي وزير خلااف بيان ڏيڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائيندو:ذريعا

آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان جي امتياز شيخ ۽ سعيد غني خلاف رپورٽس جي به جاچ ڪرائيندو

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) مشتاق مهر جي آءِ جي سنڌ طور مقرريءَ کانپوءِ سنڌ پوليس ۾ وڏي  پئماني تي تبديلين جون تياريون شروع ٿي ويون آهن، شروعاتي مرحلي ۾  ايڊيشنل آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون وينديون. ڪليم امام جي بدلي کانپوءِ سنڌ جو نئون مقرر ڪيل آءِ جي مشتاق مهر پاران 2 مارچ سومر تي عهدي جي چارج سنڀالڻ جو امڪان آهي، جنهن بعد سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون وينديون، سنڌ پوليس جي آپريشنز، انويسٽيگيشن ۽ انتظامي عهدن تي وڏي پئماني تي تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ سنڌ پوليس اٿل پٿل جي پهرين مرحلي ۾ ايڊيشنل آءِ جيز، ايس ايس پيز کي تبديل ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڊيشنل آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز جي تبديلي لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيپلزپارٽي سنڌ جي اهم شخصيت جي  هدايتن کانپوءِ سنڌ ڪابينا جي ٽن وزيرن ۽ ٻڻ ايم پي ايز سان به صلاح مشورا ڪيا آهن، مشاورت جو عمل جاري آهي، وڏي وزير پاران اڳوڻي آءِ جي ڪليم امام سان ويجهڙائي سندس خاص آفيسر هجڻ جي جو جواز  ڄاڻائيندي کين به هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پيپلز پارٽي جي هڪ ايم پي اي نالي نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان کي فوري طور تي هٽائڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي پر ڪجهه صوبائي وزيرن سان ان جي  مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته کيس تڪڙو نه هٽايو وڃي پر صوبائي وزير امتياز شيخ ۽ سعيد غني تي ڏوهارين جو ساٿاري هجڻ وارن الزامن واري رپورٽ تيار ڪري ميڊيا ۾ ڏيڻ واري معاملي تي کيس “ سيکت ” ڏني وڃي ۽ ان کانپوءِ ئي هٽايو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئون آءِ جي مشتاق مهر  وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف سئون ماڻهن جي مبينا قاتل جي گرفتاري ۽ سندس پاران پوليس تحويل دوران ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۽ ان ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه بابت ڏنل بيان جي جاچ ڪرائيندو، ان سان گڏ ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان وارين صوبائي وزيرن بابت رپورٽس جي به جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *