Friday , March 29 2024

نئون ديرو جي زارا منگي جو 13سالن جو مبينا قاتل نينگر گرفتار

زارا منگي جو قاتل گرفتار، ڪٿي پوليس اصل جوابدار کي بچائڻ لاءِ معاملو منجهائي ته نه رهي آهي؟؟؟

لاڙڪاڻو (رپورٽر   سنڌسماءَچار) نئين ديري ڀرسان اغوا بعد مبينا زيادتي جو نسانو بڻائي قتل ڪيل نياڻي زارا منگي جو 13/14 سالن جو قاتل نينگر گرفتار ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش جوابدار شيراز موريو کي پريس ڪانفرنس دوران جوابدار کي ميڊيا آڏو پيش ڪندي چيو آهي ته 14 سالن جي جوابدار شيراز موريو قتل جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدار چيو آهي ته نينگري سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي جنهن تي کيس گهٽا ڏئي بيهوش ڪيو ۽ بعد ۾ کيس رسي سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو. واقعي بابت ايس ايس پي تفصيلي ڳالهائيندي چيو ته جوابدار شيراز جي عمر 13 کان 14 سال آهي، سندس خلاف قتل جو ڪيس داخل ٿيل آهي، عمر جي حوالي سان عدالت فيصلو ڪندي ته ڪيس کي ڪهڙي انداز ۾ هلائڻو آهي. ايس ايس پي جوابدار کي صحافين آڏو پيش ڪيو، جوابدار شيراز موريو صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي نينگري کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ۽ ٻڌائيندي چيو ته نينگري کير وٺڻ آئي ته ساڻس زيادتي جي ڪوشش ڪئي پر هن پيءُ کي ٻڌائڻ جي ڌمڪي ڏني، جنهن تان کيس قتل ڪرڻ لاءِ پوتي سان گهٽو ڏنو پر پوءِ به هو زندهه هئي، جنهن بعد کيس رسي سان گهٽو ڏئي قتل ڪيو. جوابدار چيو ته قتل بعد نينگري جو مڙهه پاچڪي ۾ ٻڌي مٿان ڇيڻا رکي گڏهه گاڏي تي رکيو ۽ پوءِ زيتونن جي باغ ۾ ڦٽو ڪيو.

ايس ايس پي مسعود بنگش چيو ته نينگري جي چاچي هاشم تي به شڪ آهي. جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ان حوالي سان به جاچ ڪئي ويندي ته اهو واقعي ۾ ملوث آهي يا نه. واضح رهي ته گذريل ڏينهن نينگري زارا بيبي کي قتل ڪري سندس لاش پاچڪي ۾ ٻڌي زيتونن جي باغ ۾ ڦٽو ڪيو ويو هو. جنهن جو قتل ڪيس جوابدار شيراز موريو ۽ سندس چاچي هاشم خلاف نئون ديرو ٿاڻي تي داخل آهي. هوڏانهن مقتولا نينگري جي جنازي نماز ڳوٺ ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ٻئي پاسي ايس ايس پي پاران تيرنهن چوڏنهن سالن جي نينگر کي جوابدار طور پيش ڪرڻ تي ڪجهه سوال اٿن ٿا ته، ڇا هڪ 13/14 سالن جو نينگر 10 سالن جي نينگري کي ايترو آساني سان قتل ڪري سگهي ٿو؟

جوابدار به اعتراف ڪري ٿو ته هن زارا کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش جنهن والدين کي ٻڌائڻ جي ڌمڪي ڏني، ان تي کيس پهريان گهٽا ڏنا. اُتي وري اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته ٻارڙي زارار کي جوابدار جڏهن قتل ڪرڻ لاءِ پڪڙيو ۽ پوتي ( يا هٿن) سان گهٽا ڏنا ته نياڻي زارا منگي ڪا دانهن، ڪوڪ، رڙ ئي نه ڪئي ۽ خاموش رهي؟؟

ڇا هڪ 14/13 سالن جو نينگر 10 سالن جي نينگري کي قتل ڪرڻ بعد ٻاچڪي ۾ وجهي ٿو، ان بعد گڏهه گاڏو جوٽي ايتري ديده دليري سان لاش کي گڏهه گاڏي تي رکي لاش کي زيتونن جي باغ ۾ وڃي ڦٽو ڪري ٿو اچي… ڇا اهو نينگر ايتري ڪاروائي ڪري ٿو ته ان دوران گهر ۾  ڪير به نه ٿو اچي، جوابدار نينگر ايترو بهادر ۽ حواسن تي ضابطو رکندڙ آهي ۽ نفسياتي طور تي نينگري کي قتل ڪرڻ بعد مٿس ڪو ب ه خوف طاري نه ٿو ٿئي…؟؟ ڪٿي ايئن ته ناهي ته پوليس ڪنهن مصلحت، لالچ، دٻاءَ يا ڪنهن ٻئي ڪارڻ جيڪري معاملي کي منجهائڻ چاهي ٿي؟؟؟ ڪٿي ايئن ته ناهي ته پوليس جوابدار ڌر سان ڪا ملي ڀڳت ڪري اصل جوابدار کي بچائڻ يا وري کيس فرار ٿيڻ ۾ ڪنهن سهولتڪار وارو ڪردار ته ادا نه پئي ڪري…؟؟؟؟

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *