Friday , March 29 2024

نئون ديرو:معصوم ساحل ڪوريجو کي اغوا ڪندڙ سنڌ پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا، پوليس بلاول ڀٽو کي به لفٽ نه ڪرائي

sahil-korejo2

نئون ديرو مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگر ساحل ڪوريجو کي اغوا ڪرڻ ۾ ملوث جوابدار سنڌ پوليس کان به طاقتور هجڻ ثابت ٿي ويو آهي. سنڌ پوليس 18 مهينا گذرڻ باوجود معصوم نينگر کي هٿ ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي.

نئون ديرو جي شاهنواز ڪالوني واسي معصوم نينگر ساحل ڪوريجو کي اغوا ٿئي 18 مهينا گذري ويا پر پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سندس بازيابي کي يقيني نه بڻائي سگهيا آهن، 18 مهينن کان معصوم ساحل جي وڇوڙي سندس گهر ڏکن ديرو دمائي ڇڏيو آهي، معصوم نينگر جي وارثن امڙ سبحان ڪوريجو ۽ والد ظهور ڪوريجو سميت ٻين گهر ڀاتين کان خوشين جو تصور ئي وسري ويو آهي، جيڪي انصاف پلئه نه پوڻ توڙي ٻچڙو بازياب نه ٿيڻ ڪري سنڌ پوليس مان مايوس بڻجي ويا آهن. عيد رات صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته ساحل اسان کي عيدالفطر جي رات ڄائو هو جيڪو اغوا ٿيڻ کانپوءِ اسان جي گهر مان خوشيون پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي، ساحل بغير اسان جي هي ٻي عيد گذري پئي جيڪا ڪنهن ڪاري رات کان گهٽ نه آهي، هن عيد رات تي دنيا جا ماڻهو پنهنجي ٻچڙن سان خوشيون ملهائيندا پر اسان پنهنجي ٻچڙي بغير سندس جنم ڏينهن هجڻ باوجود عيد جون خوشيون توڙي جنم ڏينهن ڪيئن ملهايون، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نوٽيسن به ڪجهه نه ڪيو، جڏهن ته انساني حقن جي تنظيمن به اسان جي ٻچڙي لاءِ ڪو آواز نه اٿاريو، اسان اميد ۽ نااميدي واري ٻه واٽي تي بيٺل آهيون، عدالت جو ئي آسرو آهي جتان به فقط حاضرين مٿان حاضريون ملي رهيون آهن پر انصاف نٿو ملي، ساحل ڪوريجو جي امڙ ۽ پيءُ چيو ته اسين ساحل جي بازيابي لاءِ آخري دم تائين وڙهنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *