Saturday , April 20 2024

مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي هٿياربندن مسافر ڪوچز روڪي 14 ڄڻا ماري ڇڏيا، جوابدار فرار

ڪوئيٽا (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي اڻسڃاتل هٿياربندن مختلف مسافر بسن مان مسافرن کي لاهي 14 ڄڻن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو، فائرنگ دوران 2 ڄڻن وجهه وٺي ڀڄي جان بچائي ورتي، واقعي جو اطلاع ملڻ بعد سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي، فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن. ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويلن جي لاشن کي اورماڙه منتقل ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، وڌيڪ جاچ هلي رهي آهي. تفصيل موجب بلوچستان جي اورماڙا واري علائقي ۾ اڻسڃاتل هٿياربندن ڪوسٽل هاءِ تي 5 کان 6 مسافر مسافر ڪوچز کي روڪي، ان مان مسافرن کي هيٺ لاٿو ويو، ميڊيا رپورٽس مطابق، هٿياربندن ڪوچ مان مسافرن کي لاهڻ دوران انهن جي سڃاڻپ ڪارڊز ذريعي سڃاڻپ ڪرڻ بعد مٿن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، رپورٽس مطابق فائرنگ ۽ مسافرن جي سڃاڻپ دوران 2 مسافر وجهه وٺي ڀڄي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

آءِ جي بلوچستان محسن بٽ جو چوڻ آهي ته، هٿياربندن اربع ۽ خميس جي وچ واري رات جو لڳ ڀڳ ساڍي ٻارهين کان ڏيڍ وڳي تائين هٿياربندن ڪراچي کان گوادر ويندڙ مسافر ڪوچز کي روڪيو. آءِ جي بلوچستان  موجب 15 کان 20 هٿياربندن بزي ٽاپ وٽ مسافر بسن کي روڪي اننهن مان مسافرن کي لاهي سندن سڃاڻپ ڪندا ويا ۽ کين الڳ الڳ بيهاريو ۽ بعد ۾14 مسافرن کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. ميڊيا رپورٽس مطابق مقامي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، هٿياربندن کي ايف سي جو يونيفارم پهريل هو. مارجي ويلن ۾ ڪوسٽ گارڊ جو هڪ اهلڪار به شامل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *