Friday , March 29 2024

”مٿي الله ۽ هيٺ الهڏني جو قانون آهي، مان ته ڊي ايس پي کي به ڪو حڪم نه ٿو ڏئي سگهان“- سهيل انور سيال

بدين( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ الهڏنو خواجا وچ ۾ هڪ ڀيرو وري ويڇا وڌي ويا آهن، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته، ” مٿي الله ۽ هيٺ الهڏني جي حڪومت آهي/حڪم ٿو هلي، مان ته هڪ ڊي ايس پي کي به ڪو حڪم يا هدايت جاري نه ٿو ڪري سگهان“. سنڌ جي گهرو وزير بدين ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، ماضي جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ ڇري بردار جوابدار پاران عورتن تي حملا ڪري ڏهڪاءُ پکيڙيندڙ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوشون ورتيون پيون وڃن. عورتن تي حملا ڪندڙ جوابدار جي ئي گرفتار نه ٿيڻ واري سوال جي جواب ۾ سهيل انور سيال پهاڪو ٻڌائيندي اها ڳالهه ڪئي، آءِجي سنڌ جي مقرري واري ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ واضع حڪم ڏنو آهي ته، حڪومتي وزير يا وزير جي برابر عهدو رکندڙ ڪو به ماڻهو آءِ جي سنڌ جي ڪنهن به حڪم يا ڪم ۾ رڪاوٽ نه بڻجندو، کيس آزادي سان ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو. سهيل انور سيال چيو ته، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ته هاڻي سنڌ ۾ مٿي الله ۽ هيٺ الهڏني جي حڪومت آهي، اسان ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *