Friday , March 29 2024

مٽياري ۾ زال مڙس کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاشن کي ڦاهو

مٽياري ۾ زال مڙس جي قتل ۾ نوجوان ۽ ناري جا پيئر ئي ملوث هجڻ جو شڪ، ٻنهي  کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد ڦاهو ڏئي لاش ٽنگيا ويا

حيدر آباد (رپورٽر   سنڌسماءَچار) مٽياري جي ڳوٺ لالو منگواڻو ڀرسان زال ۽ مڙس کي مبينا طور تي گُهٽا ڏئي قتل ڪرڻ کانپوءِ کي ڦاهو ڏئي لاش وڻ ۾ ٽنگڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڳوٺ لالو منگواڻو ڀرسان فصلن ۾ وڻ مان نوجوان هارون ۽ سندس زال فهميدا منگواڻو جي لاشن ملڻ کانپوءِ ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪ،يو، پوليس پهنچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. پولي جو چوڻ آهي ته لاشن جي ڳلن تي گهٽن جا نشان به آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته ٻنهي ڄڻن کي گُهٽا ڏئي قتل ڪرڻ کانپوءِ رسا ڳچيءَ ۾ وجهي لاشن کي وڻ ۾ ٽنگيا ويا جيئن جوڙي  جي آپگهات جو جواز پيش ڪري سگهجي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ابتدائي جاچ دوران کين معلوم ٿيو آهي ته، فهميدا ۽ هارون منگواڻو کي گهريلو تڪرار تان قتل ڪيو ويو آهي. هارون جو غلام علي منگواڻو ۽ ناري فهميدا جو والد غلام محمد منگواڻو ملوث آهن، معاملي جي گهڻ پاسائين جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻنهي جي ڳچي تي گُهٽن جا چٽا نشان به آهن.

هوڏانهن پوليس لاش مٽياري سول اسپتال منتقل ڪيا، پر ضلعي جي اسپتال هجڻ باوجود نه ته ڊاڪٽر موجود هئا ۽ نه ئي پوسٽ مارٽم جي سهولت هئي، لاش 8 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيو، جنهن کانپوءِ پوليس ۽ وارث لاش سول اسپتال حيدرآباد کڻائي ويا، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش واپس ڳوٺ نيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *