Friday , March 29 2024

مٺي ۾ ٻن ڀائرن جي قتل ۾ ملوث جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرو

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار)  مٺي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ڪيل ٻن واپاري ڀائرن جي قتل کي ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويا آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ علائقي واسين ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي. مٺي ۾ قتل ٿيل ٻن دوڪاندارن ڀائرن جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. مٺي ۾ قتل ٿيل ٻن مقتول دڪاندار ڀائرن دليپ ۽ چندر ڪمار جي وارثن ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.احتجاج ڪندڙ وارثن چيو ته 45 ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.هنن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيڻ جي گهر ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *