Friday , April 19 2024

ميهڙ ۾ ماريل 3 ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ڪراچي سميت مختلف شهن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/فيض گنج/ وارهه( رپورٽر/سنڌ سماءَ چار نيوز) ميهڙ ۾ ٻن پٽن سميت مارجي ويل پيءُ جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف نعري بازي ڪئي وئي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جوابدار بااثر هجڻ ڪري پوليس کين گرفتار ڪرڻ بدران نام نهاد جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، دادو جو ايس ايس پي به بااثر جوابدارن کي بچائڻ جي چڪر ۾ آهي.

ميهڙ جي يونين ڪائونسل ٻليدائي جي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو، سندس ٻن پٽن قابل ۽ مختيار چانڊيو جا قاتل هڪ هفتو گذرڻ باوجود گرفتار ناهن ٿتي سگهيا. ان سلسلي ۾ فيض گنج ۾ شحرين ڪامريڊ غلام مرتضيٰ شر، عبدالباقي شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجياجي ريلي ڪڍي شهيد پير بخش چانگ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس پٽن جا قاتل نه ٿيڻ خلاف نعري بازي به ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ٽن ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻي صلاحڪار برهان چانڊيو سميت سمورا 7 ئي جوابدار نامزد ٿيل آهين. هنن چيو ته جوابدار نامزد هجڻ باوجود پوليس کين گرفتار نه ڪري ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪراچي تنڪرس فورم جي سڏ تي محمد علي شاهه، شيرين اسد ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نعري بازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس ۽ حڪومت بااثر جوابدارن کي بچائڻ لاءِ مختلف هيلا بهانا هلائي ي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

وارهه ۾ مارفاڻي ۽ ميراڻي برادري پاران تمندار رئيس مختيار، ڪرم الله چانڊيو ۽ ٻين جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪامريڊ سرتاج چانڊيو ۽ امير جان جي اڳواڻي ۾ مارفاڻي ۽ ميراڻي برادري جي ماڻهن وارهه پريس ڪلب پهچي تمندار رئيس مختيار، ڪرم الله چانڊيو ۽ قابل جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته هفتو گذرڻ باوجود ڪيس ۾ نامزد بااثر جوابدار گرفتار نه پيا ڪيا وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري متاثر خاندانن کي انصاف ڏياريو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *