Friday , April 19 2024

ميهڙ واقعو- جاچ آفيسر پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي دادو قمر رضا جسڪاڻي جوابدارن جي گرفتاري کان جواب ڏئي ڇڏيو

پير محمد شاهه                                قمر رضا جسڪاڻي

دادو (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ميهڙ ۾ هفتو اڳ هٿياربندن هٿان مارجي ويل 3 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيل 7 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ وارو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو آهي. آءِ جي سنڌ پاران معاملي جي جاچڇ لاءِ مقرر ڪيل ايس ايس پي حيدرآباد جو چوڻ آهي ته سندس ذميواري صرف ڪيس جي جاچ ڪرڻ آهي؛ ايس ايس پي دادو قمر رضا جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته،جوابدار گيرفتار ڪرڻ منهنجي نه پر پير محمد شاهه جي ذميواري آهي.

ميهڙ ٻن پٽن سميت مارجي ويل پيءُ جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا. ان سلسلي ۾، يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس 2 پٽن جي قتل واري واقعي جو جاچ آفيسر ايس ايس پي پير محمد شاهه ميهڙ پهچي مارجي ويلن جي اورثن جا بيان قلمبند ڪري واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو. جاچ آفيسر  پير محمد شاهه نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته، مان واقعي جي جاچ لاءِ مقرر ٿيو آهيان ۽ جوابدارن جي گرفتاري منهنجي ذميواري ۾ شامل ناهي. هن چيو ته  مان صرف جاچ ڪري رپورٽ آءِ جي سنڌ کي اماڻيندس. جاچ ۾ جيڪو حق ۽ سچ هوندو اهو ئي بيان ڪندس. مارجي ويلن جي وارثن کي انصاف ملندو. هن چيو ته جوابدار گرفتار ڪرڻ منهنجي نه پر دادو پوليس جي ذميواري آهي. پير محمد شاهه ميهڙ پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ مقتول ڌر سان ملاقات ڪئي، بعد ۾ ميهڙ ٿاڻي تي واقعي جي فريادي ۽ شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا. هن چيو ته دادو پوليس کي جوابدار گرفتار ڪرڻ کان ڪنهن به نه روڪيو آهي.

جاچ آفيسر وڌيڪ چيو ته برهان چانڊيو جي واقعي واري هنڌ موجودگي ثابت ٿي ته کيس قانون جي پڪڙ کان ڪير به نه بچائي سگهندو. ٻي طرف ايس ايس پي دادو قمر رضا جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته ڪيس جي جاچ ايس ايس پي حيدر آباد پير محمد شاهه ڪري رهيو آهي، جوابدار گرفتار ڪرڻ به ان جي ذميواري آهي. هن چيو ته هاڻي جوابدار گرفتارڪرڻ منهنجي نه پر جاچ آفيسر جي ذميواري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *