Saturday , April 20 2024

ميهڙ سانحي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ حڪومت ۽ پوليس جي ناڪامي آهي: راشد محمود سومرو

ميهڙ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) جمعيت علماءَ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو ميهڙ ۾ ڪرم الله چانڊيو جي وارثن سان تعزيت ڪئي، راشد محمود چيو ته ميهڙ سانحي جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو، مسعود پنھور، مختيار پنھور ۽ ٻين ڪرم الله چانڊيو، قابل ۽  م ختيار چانڊيو جي تڏي تي پهتا. هنن وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ افسوس جو اظاهر ڪيو. ان موقعي تي وارثن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمدو سومرو چيو ته، ڪرم الله ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سنڌ حڪومت بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌ لڳي رهي آهي. مک جوابدار پيپلز پارٽي جو ايم پي اي آهي، جنهن کي پ پ جا انتهائي بااثر اڳواڻ بچائڻ ۾ مصروف لڳي رهيا آحن. راشد محمود سومرو چيو ته ٽن ڄڻن جي قتل ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالتي ڪٽهڙي ۾ بيهاري متاثرن کي انصاف ڏياريو وڃي. راشد محمود سومرو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار کي اپلي ڪئي ته هُو هن سانحي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي وارثن کي انصاف ڏياري. هن چيو ته هُو مقتولن جي وارثن سان هر موڙ تي گڏ هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *