Friday , April 26 2024

ميرپوربٺورو:لاجواب سنڌ سرڪار جي تعليم لاءِ بي مثال ڪارڪردگي جو نظارو

MP Bathoro Sachool 01

سنڌ ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ اعلانيل تعليمي ايمرجنسيءَ کانپوءِ لاجواب سنڌ سرڪار جي بي مثال ڪارڪردگي جو نتيجو ميرپور بٺوري جي هڪ اسڪول ۾ ملي ويو آهي. ميرپوربٺوري جي پرائمري اسڪول ۾ تازو وٺل مينهن جو پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن جي نيڪال لاءِ ڪو به انتظام ناهي ڪيو ويو. مينهن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ اڳ ئي بي حالي جي ور چڙهيل عمارت تباهه ٿي رهي آهي.

MP Bathoro Sachool 02

اسڪول جي رستي تي ۽ اسڪول جي احاطي اندر پاڻي بيٺل هجڻ جي باوجود تعليم حاصل ڪرڻ جي اڃ اجهائڻ لاءِ شاگرد اچي رهيا آهن ۽ استاد به حاضر رهن ٿا. اسڪول جي احاطي اندر بيٺل پاڻي جي نتيجي ۾ بيٺل پاڻي جي نتيجي مڇرن جو به آزار پيدا ٿي ويو آهي. اسڪول جي شاگردن ۽ استادن دانهيندي چيو آهي ته، پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ مقامي انتظاميا ۽ تعليم کاتي جي اختيارين کي چيو آهي پر ڪير به پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن چيو ته پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري پڙهائي متاثر ٿي رهي آهي.

MP Bathoro Sachool 04

هنن چيو ته اسڪول ۾ 2 کان 4 فٽ بيٺل پاڻي جي نيڪال لاءِ انتظاميه کي آگاهه ڪيو آهي پر انتظاميه ڪن لاٽار ڪري رهي آهي.

متاثرن مطالبو ڪيو ته اسڪول مان پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائي سندن پريشاني کي ختم ڪيو وڃي.

MP Bathoro Sachool 03

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *