Wednesday , April 24 2024

ميان صاحب ! هاڻي توهان کي سينيٽ جون چونڊون کٽڻ نه ڏيندس، توهان کي وڃڻو ئي پوندو: آصف زرداري

zardariismail-rahu

اسماعيل راهو جي ميزباني هيٺ ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي  آصف علي زرداري چيو آهي ته، ميان صاحب توهان کي هاڻي وڃڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ججز به چئي ڇڏيو آهي، توهان سينيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ مارچ جو انتظار پيا ڪريو پر توهان کي سينيٽ کڻڻ نه ڏينداسين، پيپلزپارٽي مقابلو ڪري سينيٽ به کڻندي، قومي اسيمبلي ۾ به رهندي ۽ پنجاب ۾ به حڪومت ٺاهي ڏيکاريندس، پيپلزپارٽي کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ زبردست موٽ ملي آهي ۽ بلوچستان سميت پوري ملڪ مان آواز پيا اچن ته، آصف زرداري اچو اسان تي رحم ڪرايو، ماڻهن جون دليون ٽٽل آهن.

 بدين ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري وڌيڪ چيو ته، نوازشريف چاهي ٿو ته، اسان هائيڊل توڙي پاڻي تي بجلي به نه ٺاهيون ۽ گئس به اسان وٽ نه رهي، خبر نه آهي ته نوازشريف وٽ انسانيت ڇو نه آهي.

هن  چيو ته نوازشريف ڪاغذي شينهن هوندو، بيٽ وارو  به عوام جو درد نه ٿو سمجهي، اسان کي غريبن جو احساس آهي، تنهن ڪري بِيبِي ڪارڊ جاري ڪيوسين، هاڻي شهيد بينظير ڪارڊ جو انگ ڊبل ڪنداسين. آصف  زرداري چيو ته  وڏي وزير کي عرض ڪيو آهي ته اسان جيڪو ڪاٺوڙ ڊيم ٺاهيو آهي اتي 25 ۽ 50 ايڪڙ زمين غريب ماڻهن ۽ عورتن ۾ ورهايون وڃن.

زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ميان صاحب توهان کي هاڻي وڃڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ججز به چئي ڇڏيو آهي، توهان سينيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ مارچ جو انتظار پيا ڪريو پر توهان کي سينيٽ کڻڻ نه ڏينداسين، پيپلزپارٽي مقابلو ڪري سينيٽ به کڻندي، قومي اسيمبلي ۾ به رهندي ۽ پنجاب ۾ به حڪومت ٺاهي ڏيکاريندس.

 هن اهو ته چيو ته، نوازشريف کي سي پيڪ جو ڪانسيپٽ سمجهه ۾ نه پيو اچي، سي پيڪ بلوچستان ۽ ڪي پي جي سيڪيورٽي لاءِ آهي، اتان جي ماڻهن کي اسان پنهنجو نه ڪيو ته پاڪستان کي نقصان پهچندو. آصف زرداري لوڊشيڊنگ تي تنقيد ڪندي چيو ته، اسان کي مائرن ميٽ سان وهنجاريو آهي، گرمي سردي ۾ بيهڻ ڄاڻون ٿا.

ٻي طرف معلوم ٿيو آهي ته، آصف زيرداري جو بدين ۾ ٿيل سياسي جلسو  پيپلزپارٽي بدين ۾ ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جلسي ۾ ماڻهن جو انگ انتهائي گهٽ هجڻ جو اڻسڌي طرح آصف زرداري ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙُ به ڪيو. آصف زرداري ۽ نثار کهڙو پنهنجي تقريرن دوران واضع ۽ چٽن لفظن ۾ چيو ته ته ماڻهو جلسي گاهه ۾ نه پر پنڊال کان ٻاهر بيٺل آهن، جيڪي نظر نه پيا اچن. ان سلسلي ۾ هڪ مقامي صحافي نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو”ته تازو پ پ ۾ شامل ٿيل اسماعيل راهو جي ميزباني هيٺ ٿيل پ پ جي جلسي ۾ ٻه کان 3 هزار ماڻهو به مشڪل سان هوندا، جيڪو انگ به ڊڄي ٻڌايان ٿو، ايترا به نه هوندا“.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *