Friday , March 29 2024

موڳو مٽر وري ڳالهائي ٿو….!! پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪاميابي جا 8 سال، سنڌ ۾ صحت جي سهولتن جي جهجهي تعداد ۾ کوٽ-اصغر آزاد

biloo faryal

موڳو مٽر  وري ڳالهائي ٿو….!!!

پاڪستان پيپلز پارٽي 2008 کان وٺي سنڌ ۾ حڪمراني ڪندي رهي آهي، جيڪو راڄ 2018 تائين جاري رهندو. پ پ پنهنجي ڪامياب 8 سالن جي حڪمراني دوران سنڌ جي ماڻهن کي گٽرن جو پاڻي  جهجهي مقدار ۾ مهيا ڪرڻ ۾ لاجواب ڪاميابيون ماڻهون آهن، اهڙو اعتراف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عدالتي واٽر ڪميشن به ڪري چڪي آهي.

پيپلز پارٽي جي سونهري ۽ ڪاميابي وارن لڳ ڀڳ 8 سالن دوران سنڌ جي ماڻهن کي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر صحت جو لاجواب ۽ اڻ ميون سهولتون مهيا ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سان جيڪڏهن خيرپور ۾ ڪو ماڻهو باهه ۾ سڙي زخمي ٿي پوي ته کيس خيرپور کان ڪراچي تائين وارو مختصر سفر طئه ڪرڻ جي بنهه ننڍڙي تڪليف ڪرڻي پوندي جنهن بعد سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ تائين رڳو جيئرو پهچي وڃي ته کيس آصف علي خان زرداري، فريال خان ٽالپر، بلاول خان ڀٽو زرداري، سيد قائم علي خان شاهه جيلاني ۽ سيد مراد علي خان شاهه لڪياري لال جا ٿورا مڃڻ ۾ ٽڪي برابر دي ڪندو ته ايستائين جيئرو رهندو ئي نه.

Qaim Ali Shah

جيڪڏهن جيڪب آباد، شڪارپور ۽ وري سيوهڻ ۾ ڪو آپگهاتي ڌماڪو ٿي پوي، ته صحت جون ايتريون ته جديد ترين سهولتون آهن جو زخمين کي ٽن ڦيتن واري چنگ چي رڪشا، ڇهن ڦيٿن واري گڏهه گاڏي (2 ڦيٿا گاڏي جا ۽ 4 ڄنگهون گڏهه جون( يا وري اڃا به جديد ايمبولينس ٻن ڦيٿن واري ماڻهولاشي يعني اشرف المخلوقات حصرت انسان جا ڪُلها نصيب ٿي ويندا.

سنڌ واسيو جيڪڏهن اوهان اڃا به ، پ پ پ يعني پاپي پئسن پوڄاري پارٽي  جا احسان نه ڳڻيندؤ ته يقينن جمهوريت، جمهوري ادارن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو خون، خانصاحب آصف علي خان زرداري جي درد، قبله سائين نئين نيويلي ليڊر بلاول خان ڀٽو زرداري جي تڪليفن جا منڪر بڻجي ويندؤ.

Asif Zardari & Murad shah

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *