Saturday , April 20 2024

مولابخش چانڊيو کي ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ عورتن ڳالهائڻ نه ڏنو،گو زرداري گو جا نعرا

   مولا بخش چانڊيو – فائل فوٽو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو احتجاج ڪندڙ عورتن پ پ سينيٽر مولابخش چانڊيو کي ميڊيا سان ڳالهائڻ ئي نه ڏنو. ڇنڇر ڏينهن مولابخش چانڊيو جيئن ئي سپريم ڪورٽ مان ٻاهر نڪري ميڊيا سان ڳالهائڻ لاءِ آيو ته، اتي موجود تعليم کاتي جي عورت ملازمن ”گو زرداري گو“ جا زوردار نعرا هنيا. احتجاج ڪندڙ عورتن مولابخش چانڊيو کي ڳالهائڻ نه ڏنو. ان دوران مولابخش چانڊو کين چوندو رهيو ته، ” هاڻي مونکي ڳالهائڻ ڏيو، بس ڪيوٻڌو ته صحي، هاڻي ته ڳالهائڻ ڏيو“ ، مولابخش چانڊيو احتجاج ڪندڙن کي ايلاز ڪندو رهيو ۽ انه  جي خاموش نه ٿيڻ تي سينيٽر مولابخش چانڊيو کين مخاطب ٿيندي چيو ” اڙي بس ڪر هاڻي، اڙي بس ڪر هاڻي“. ان دوران احتجاج ڪندڙ عورتون وڌيڪ جذباتي ٿي ويون ۽ شيم شيم جا زوردار نعرا هڻائينديون رهيون. عورتن جي سخت احتجاج، شيم شيم ۽ گو زرداري گو جي زوردار نعرن بعد ميڊيا ٽاڪ ڪرڻ کانسواءِ ئي واپس روانو ٿي ويو.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *