Friday , March 29 2024

موسمياتي تبديليون ۽ پاڻي جي کوٽ: ڪڻڪ، ڦُٽين، ڪمند ۽ چانورن جي پئداوار ۾ 10 کان 20 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو امڪان- مليريا ۽ ٻيون بيمارين ڦلهلجڻ جو خطرو

اسلام آباد ( سنڌ سماءَ چار نيوز ) يونائيٽيڊ نيشنز ڊيولپمينٽ پروگرام جي پاڪستان ۾ ايندڙ ڪجهه سالن دوران پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ واري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڻي کوٽ پيدا ٿيندي، جنهن جي نتيجي ۾، پاڪستان ۾ زراعت کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. پاڻي جي کوٽ سان مليريا سميت ٻيون بيماريون به منهن ڪڍنديون. پاڻي جي کوٽ جو سڌو سئون اثر زراعت تي ٿيڻ سان زرعي اپت ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي ٿيندي. يو اين ڊي پي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، پاڻي جي کوٽ سان ڪڻڪ جي پيداوار۾ 10 سيڪڙو، چانورن جي پيداوار 20 سيڪڙو تائين گهٽتائي ايندي. ان کانسواءِ ڪمند ۽ وونئڻن / ڦٽين جي پئداوار ۾ 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي ايندي.

يو اين ڊي پي پاران پاڪستان ۾ پاڻي بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ويو آهي ته موسمياتي تبديلين سان پاڻي وهڪرن ۾ گهٽتائي اچڻ سان، پاڪستان جي زراعت سخت متاثر ٿيندي. پاڪستان جي ڪل آبادي جو 90 سيڪڙو آبادي جي زراعت جو سڌو سئون واسطو سنڌو درياهه تي آهي. پاڪستان جي 67 سيڪڙو ٻهراڙي جي آبادي جو دارومدار زراعت ۽ چوپائي مال سان آهي. رپورٽ مطابق پاڻي کوٽ سبب ڪڻڪ جي پيداوار 8 کان 10 سيڪڙو گهٽجي ويندي، جڏهن ته چانورن جي پيداوار 20 سيڪڙو گهٽجي ويندي. زراعت ۾ مڪئي، ڪمند ۽ وونئڻن جو فصل پڻ سخت متاثر ٿيندو.

اسلام آباد:پاڻي جي کوٽ سان مليريا ۽ ڪالرا جي مرضن ۾ واڌ ايندي:يو اين ڊي پي

موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڻي کوٽ سبب پاڪستان ۾ مليريا ۽ ڪالرا جي مرض ۾ اضافي اچڻ جو خطرو وڌي ويندو ۽ پاڻي جو معيار به گهٽجي ويندو، يو اين ڊي پي جي رپورٽ مطابق موسمياتي تبديلي جي ڪري ملڪ ۾ پاڻي سان لاڳاپيل وبائي بيمارين جن ۾ مليريا ۽ ڪالرا شامل آهن، جن ۾ اضافو اچڻ جو خطرو وڌي ويندو، جڏهن ته پاڻي جو معيار گهٽجي ويندو، جنهن ڪري انساني صحت سخت متاثر ٿيندي، رپورٽ ۾ حڪومت کي سفارش ڪئي وئي آهي ته مستقبل ۾ انساني صحت جهڙن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت جي بنيادي سهولتن تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي ۽ صحت جي بنيادي نظام کي جديد ڪيو وڃي ۽ پاڻي بابت عوام جي آگاهي لاءِ مهم هلائي وڃي.

لاڳاپيل خبر جي لنڪ

 sindhsamaachar.com/2017/10/30/%D9%BE%D8%A7%DA%

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *