Friday , March 29 2024

مودي سرڪار ڪشمير ۾ رڻ ٻاري ڏنو، ڪشمير جي رياستي حيثيت به ختم

ڀارت جون والاريل ڪشمير ۾ اُرهه زورايون جاري، ڪشمير جي رياست واري حيثيت به ختم ڪري ڇڏي

سرينگر (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) نريندر مودي جي انتهاپسند حڪومت والاريل ڪشمير ۾ رڻ ٻاري ڇڏيو آهي، ڪشمير ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڪشميرين خلاف ڏاڍاين جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن، ڀارتي سرڪار والاريل ڪشمير جي رياست واري حيثيت به ختم ڪري ڇڏي آهي، اپوزيشن جي مودي سرڪار کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته سرينگر سوڌو والاريل ڪشمير جي ڪيترن ئي ضعلن ۾ ڪرفيو لاڳيو ويو، انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس به معطل ڪئي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب صدارتي حڪمنامي ذريعي آئين جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪيو ويو آهي، جنهن سان والاريل ڪشمير جي رياست واري حيثيت ختم ٿي وئي ۽ ڀارتي قبضي هيٺ آيل ڪشمير کي رياست نه سڏيو ويندو. ڀارتي آئين جو آرٽيڪل 370 والاريل ڪشمير جي اختيارين جي حوالي سان آهي، جڏهن ته اهو آرٽيڪل ڪشمير رياست کي پنهنجو آئين ٺاهڻ ۽ اُن کي برقرار رکڻ جي آزادي ڏئي ٿو، جيڪا هاڻ ختم ٿي وئي آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه والاريل ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 ختم ڪرڻ جي حوالي سان بل راجيه سڀا ۾ پيش ڪيو آهي، جڏهن ته بل تي سندس تقرير دوران اپوزيشن ميمبرز طرفان گوڙ ڪيو ويو. اپوزيشن ميمبرز والاريل ڪشمير کان آزادي کسڻ جي حوالي سان حڪومتي قدمن کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

اُن کان اڳ مودي سرڪار والاريل ڪشمير جي راڄڌاني سري نگر سوڌو ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڻڄاتل مدي تائين ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، اُن کانسواءِ ڪشمير ۾ ٻن اڳوڻن وڏن وزيرن سوڌو حريت اڳواڻن کي نظربند ڪيو ويو آهي، ۽ هزارن جي تعداد ۾ اضافي اهلڪار مقرر ڪري مُک شاهران کي ڪنڊيدار تارون رکي بند ڪري ڇڏيو. والاريل ڪشمير ۾ ڪٺپتلي حڪومت شهرين جي چرپر تي پابندي لڳائي ڇڏي ۽ انٽرنيٽ، موبائيل فون ۽ لينڊ لائين ٽيليفون سروس معطل ڪري ڇڏي. والاريل ڪشمير ۾ اسڪولز ۽ ڪاليجز بند ڪيا ويا، جڏهن ته يونيورسٽي ۾ 5 کان 10 آگسٽ تائين ملتوي ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *